هاڻي ڊينگي جي ٽيسٽ مفت ٿيندي..!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب صحت کاتي ڊينگي جي مريضن جي سهولت لاءِ سموري صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي ٽيسٽ جي فيس ختم ڪري ڇڏي.

پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي جي ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقه هيڊ ڪوارٽرز  اسپتالن ۾ ڊينگي جو ٽيسٽ مفت ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڊينگي سبب هزارين ماڻهو بيمار ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ وڌيڪ 348 ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته راولپنڊي ۾ 127 ۽ اسلام آباد ۾ 198 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

پنجاب ۾ ڊينگي سب متاثر ماڻهن جو انگ 2 هزار 158 ٿي ويو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڊينگي متاثر مريضن جو انگ 2232 تائين پهچي ويو آهي.

بلوچستان ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 2 هزار 618 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به ڊينگي مريضن جو انگ 2 هزار کان ٽپي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.