ن ليگ ۾ اختلاف، نواز شريف کي سدائين سمهجايو ته اسٽيبلشمينٽ سان نه وڙهو: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اجلاس ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، ن ليگ صدر شهباز شريف ڪيپٽن(ر) صفدر پاران آزادي مارچ ۾ شرڪت جي اعلان تي ناراض ٿي ويو آهي، ان ڪري هن جيل ۾ نواز شريف سان هفتيوار ملاقات به نه ڪئي، هن ڪيپٽن صفدر جي آزادي مارچ ۾ شرڪت واري اعلان تي خواجا آصف جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي جيڪا پنهنجي رپورٽ نواز شريف کي پيش ڪندي، هوڏانهن اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، اجلاس ۾ ن ليگ اڳواڻن جي اڪثريت مولانا فضل الرحمان جي مارچ ۾ شرڪت جي حمايت ڪئي، جنهن تي ن ليگ جو صدر شهباز شريف چڙي پيو، سخت ڪاوڙ ۾ شهباز شريف چيو ته ميان صاحب پهرين جهانگير ڪرامت کي هٽايو، پوءِ  مشرف کي هٽايو، جمهوريت به وئي، اسان جيلن ۾ وياسين، هن چيو ته هاڻي به ڳالهه نه پئي مڃي وڃي، گذريل حڪومت ۾ به سمجهايو، ميان صاحب منهنجي ڳالهه نه پيو ٻڌي، هن چيو ته اسان کي ترڪ صدر اردگارن جهڙي عوامي حمايت حاصل ناهي، هن مسلسل 15 سال عوام جي خدمت ڪئي، ان ڪري فوج خلاف عوام هن جي حمايت ۾ ٻاهر نڪتو، اسان کي به ٻه ٽي ڀيرا حڪومت ڪرڻي آهي ان کانپوءِ عوام جي مڪمل حمايت حاصل هوندي،هن چيو ته  منهنجو ڀاءُ منهنجي ڳالهه نٿو مڃي مان ڇا ڪريان؟ اسان وڙهي نٿا سگهون، هر ڀيري نقصان ئي کنيو آهي، اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ ڀت سان ٽڪر هڻڻ برابر آهي، نواز شريف کي هميشه سمجهايو ته اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ جو ڪو به فائدو ناهي،

حڪومت جي خاتمي تائين ن ليگ جي يو آءِ سان گڏ آهي: نواز شريف

لاهور(م ڊ) لاهور جي ڪوٽ لکپت  جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان هن جي خاندان جي ڀاتين ملاقات ڪئي، ن ليگ جو صدر شهباز شريف چيلهه جي سور سبب نه اچي سگهيو، ملاقات کانپوءِ نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر ٻڌايو ته نواز شريف چيو آهي ته جنهن کي پاڪستان سان پيار آهي، اهو مولانا فضل الرحمان سان گڏ ضرور ويندو، هن چيو ته شهباز شريف جيڪڏهن صحت جي ڪري مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي ۾ نه وڃي سگهيو ته هو لاهور ۾ ويلڪم ضرور ڪندو، ن ليگ مارچ ۾ شرڪت ڪندي، عوام اليڪشن جي تياري ڪري، جڏهن ته ڪيپٽن صدر مولانا فضل الرحمان جو خط نواز شريف کي پهچايو ۽ نواز شريف جو جوابي خط به مولانا فضل الرحمان تائين پهچايو، جوابي خط ۾ نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته موجوده حڪومت جي خاتمي تائين ن ليگ جي يو آءِ سان گڏ آهي، مولانا مارچ ڪري، ن ليگ جي پوري قيادت ۽ ڪارڪن توهان سان گڏ آهن.

The government is committed to run the State on the Priciples of Medina

وزيراعظم پاران فضل الرحمان سان ڳالهين جو ٽاسڪ نورالحق قادري حوالي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملنبابت وفاقي وزير نورالحق کي مولانا فضل الرحمان سان رابطن ۽ ان کي ڌرڻي کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ڌرڻي بابت ڄاڻ گهري ورتي آهي. ان سان ڌرڻي کي روڪڻ يا منهن ڏيڻ بابت سفارشون به تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم طرفان ٽاسڪ ملڻ کان پوءِ نورالحق جو مولانا فضل الرحمان سان رابطي جو امڪان آهي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سفارش تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪندو. وزيراعظم سفارشن جي روشني ۾ اعليٰ سطحي اجلاس سڏائي صلاح مشورو ڪندو.043041

پ پ جو ملڪ گير جلسن جو اعلان، آزادي مارچ ۾ هر هنڌ شرڪت ڪنداسين: ڪائره

ڪراچي(رپورٽر) پ پ وفاقي حڪومت خلاف مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي 18 آڪٽوبر کان 30 نومبر تائين عوامي رابطا مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ اڳواڻن چيو ته حڪومت پارليامينٽ بدران آرڊيننس ذريعي هلائي پئي وڃي، جنهن مان عوام نجات حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، ڪالهه بلاول هائوس ۾ پ پ جي ڪور ڪميٽي جو ٻئي ڏينهن وارو اجلاس پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ حڪومت خلاف مولانا فضل الرحمان جي مارچ، پ پ جي احتجاج سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ بلاول هائوس ميڊيا سيل تي پ پ جي مرڪزي اڳواڻن نيئر بخاري، همايون خان، مولابخش چانڊيو، نفيسه شاهه ۽ قمرالزمان ڪائره  پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي فيصلن بابت آگاهي ڏني، پ پ جي مرڪزي اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته ڪور ڪميٽي ٻه ڏينهن صلاح مشورا ڪري عوامي رابطا مهم ۽ ملڪ گير رابطا مهم ڪراچي کان ڪشمير تائين شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي 18 آڪٽوبر کان شروعات ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نيئر بخاري چيو ته ملڪ جو عوام حڪومت مان نجات چاهي ٿو، ان لاءِ 18 آڪٽوبر کان 30 نومبر تائين رابطا مهم جاري رهندي ۽ تاسيس جو ڏهاڙي تي مظفرآباد ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور تي پروگرام ڪيو ويندو.هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو رابطا مهم جي سلسلي ۾ 23 آڪٽوبر تي ٿر ۽ 26 آڪٽوبر تي ڪشمور ۾ وڃڻ کانپوءِ پنجاب روانو ٿيندو ۽ مهم مظفر آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندي، ان مهم جي ڪور ڪيمٽي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي نه پئي ڪئي وڃي حڪومت آرڊيننس تي هلائي پئي وڃي، هن چيو ته حڪمران پارليامينٽ ۾ ٻين کي گڏ کڻي نه پيا هلن، اسان جو وزيراعظم پارليامنيٽ کي ڪيترو وقت ڏيندو هو سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته عوام لانگ مارچ کي ڪامياب ڪندو، حڪمران ڇو پيا سوچين ته ڌرڻو ناڪام ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ اڳوان قمر الزمان ڪائره چيو ته مولانا فضل الرحمان جي احتجاج کان لاتعلق نه آهيون، پروگرام ملندو ته پ پ هر هنڌ شامل ٿيندي، مولانا جو ساٿ نه ڏيڻ جو تاثر غلط آهي، اسان جو احتجاج انهن جي سپورٽ ۾ آهي، هن چيو ته پ پ جي سنڌ سرڪار اعلان ڪري چڪي آهي ته مولانا جي احتجاج کي ڪور ڪيو ويندو، اسان ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ مارچ ڪري عوامي راءِ جوڙي رهيا آهيون، هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران سان گڏ عوام کي پريشاني به آهي،  قمر زمان ڪائره چيو ته فضل الرحمان کان آزادي مارچ جو شيڊول گهريو آهي، اڃا تائين پ پ کي شيڊول ناهي مليو،

محمود اچڪزئي پاران آزادي مارچ جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد/ڪوئيٽا(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اپوزيشن پارٽين جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر اڪبر خان دراني خميس ڏينهن پشتون خواه ملي عوام پارٽيءَ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ملاقات ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي ترجمان مطابق ڪوئيٽا ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڪرم خان دراني محمود خان اچڪزئي کي مولانا فضل الرحمان جو پيغام پهچايو.محمود اچڪزئي آزادي مارچ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته موجوده حڪومت مان هر طبقي جا ماڻهو تنگ آهن تنهنڪري مولانا فضل الرحمان جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين.

Rehman Malik Talks To Media Outside of IHC

فضل الرحمان کي ڪير به استعمال نٿو ڪري سگهي: رحمان ملڪ

ڪراچي(رپورٽر) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان برجستو سياستدان آهي، کيس ڪير به استعمال نه ٿو ڪري سگهي، مخالف ڌر متحد آهي، پر جلسي جو شيڊول نه مليو آهي، اهو ڏسي فيصلو ڪنداسين، ڪالهه بلاول هائوس ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته گهرو وزارت تي ڪمينٽ نه ٿو ڪيان پر نه ٿو لڳي ته مولانا فضل الرحمان جي احتجاج کي اڳتي وڌڻ ڏنو ويندو،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا خلاف ايف آءِ اي جي ڪا انڪوائري رهجي ٿي ته اها هن وقت نه ڪرڻ گهرجي، ڪارروائي ڪئي وئي ته اهو سياسي انتقام هوندو، هن چيو ته پ پ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جو مقصد سمورن پاسن جو جائزو وٺي فيصلا ڪرڻ آهي، رحمان ملڪ چيو ته ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جون قيمتون وڌيون آهن.

نٿو لڳي ته مولانا جو مارچ اسلام آباد پهچندو: مولابخش چانڊيو

 ڪراچي(رپورٽر)  پ پ اڳواڻن مولابخش چانڊيو ۽ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت کي وڃڻُو آهي ۽ اها ضرور ويندي، حڪومت انتقامي ڪارروائيون تيز ڪندي ته جيڪو به اتحاد ٺهندو ان سان گڏ هونداسين، ڪالهه بلاول هائوس ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي نيت تي شڪ نه آهي، سندس حڪمت عملي بابت اسان کي ڄاڻ نه آهي، اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هو ڪٿان ايندا ۽ ڪٿي ويندا، مولانا سومناٿ اڪيلي سر فتح ڪرڻ چاهي ٿو، مولانا حڪومت خلاف شروعات ڪري ٿو اسان جون دعائون هن  سان گڏ آهن، هن چيو ته مسلم ليگ سوچي پئي ته هڪ ڀاءُ کي هڪ ۽ ٻئي ڀاءُ کي ٻي سائيڊ لڳايو وڃي، ليگ ۾ وڏو ميان ۽ مريم هڪ پيج تي آهن، هن چيو ته  مولانا آزادي مارچ ڪراچي کان شروع ڪندو ته رڪاوٽ نه بڻجنداسين، لڳي نه ٿو ته مولانا 27 آڪٽوبر تائين اسلام آباد پهچي سگهندو.

فضل الرحمان کي ڪي پي مان اسلام آباد وڃڻ نه ڏيندس: محمود خان

پشاور(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته مدرسن جي ٻارن کي سياست کان پري رکڻو پوندو، ڪي پي مان گهڻا ماڻهو مولانا فضل الرحمان سان گڏ مارچ ۾ نه ويندا،  مولانا 15 لک ماڻهو نٿو آڻي سگهي، هن چيو ته ڪوشش آهي ته ڪي پي مان ماڻهو فضل الرحمان سان گڏ نه وڃن، اسان 5 سال پورا ڪنداسين، مولانا ڪي پي مان اسلام آباد نٿو وڃي سگهي، ڪنهن ٻئي صوبي مان اسلام آباد پهتو ته ان تي نٿو چئي سگهان، هن چيو ته جڏهن ماڻهو نڪتا ته پوءِ اسان پنهنجي حڪمت عملي ٻڌائينداسين.

نواز شريف ڌرڻي ۾ شرڪت جو حامي ۽ شهباز مخالف آهي: حامد مير

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري صحافي ۽ اينڪر حامد مير انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف جيل مان هڪ خط ذريعي مولانا فضل الرحمان کي پيغام موڪليو اهي ته هن جي پارٽي ۽ ڪارڪن ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندا، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته شهباز شريف ڌرڻي ۾ شرڪت جو حامي ناهي، ن ليگ جا اڳواڻ بند ڪمري ۾ مولانا فضل الرحمان کي اهو مشورو ڏيندا رهيا ته ڌرڻو نه هڻو پر ٻاهر اچي مختلف بيان ڏين ٿا، هن چيو ته نواز شريف جا ويجها ساٿي مونجهاري جو شڪار آهن اها ئي پوزيشن آصف زرداري جي آهي ۽ هن جي پارٽي جا اڳواڻ به لنوائي رهيا آهن، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سڀ ڪجهه لکي رکيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ ڇا ڪرڻو آهي بعد جي حڪمت عملي ڇا هوندي، هو ڌرڻو لازمي ڏيندو پر سياسي پارٽين کي خبر ناهي ته ڇو سمجهه ۾ نٿي اچي، جڏهن ته وزيراعظم جي ترجمان نديم افضل چن چيو ته هن جي خيال ۾ مولانا فضل الرحمان جو مارچ سسٽم لاءِ خطرو نه بڻجندو، حڪومتي سطح تي مولانا کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.