نوازالدين صديقي به مومنه مستحسن جو مداح نڪتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته فلم “منٽو” جي شوٽنگ دوران پاڪستاني گلوڪارا مومنه مستحسن جو گيت “تيرا وه پيار” ٻڌندو هيس،  فلم جي شوٽنگ دوران اهو گيت ٻڌڻ کان پوءِ فلم جا سمورا سين شوٽ ڪرايا.

نواز الدين صديقي هن چيو ته جڏهن به ڪو سين ڪرڻ ويندو هيس ته هڪ ڀيرو مومنه مستحسن جو گيت ٻڌندو هيس، ان گيت جو ڪو به مقابلو نه هو ۽ اهو گيت ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجن ئي خيالن ۾ گم ٿي ويندو هيس.

هي به ڏسي سگھو ٿا: گوگل جي امرتا پريتم کي ڀيٽا

واضح رهي ته “تيرا وه پيار” گيت ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پاڪستاني گوڪارا مومنه مستحسن ۽ عاصم اظهر ڳايو هو جنهن کي مداحن گھڻو پسند ڪيو هو.

 

You might also like