نوابشاهه ۾ نوجوانن جو اسپورٽس چيئرمين خلاف احتجاج

 

نوابشاهه (رپورٽ: رحيم لاشاري) نوابشاهه ۾ نوجوانن ڪرڪيٽ ڪلب شهيد بينظير آباد جي چيئرمين خلاف پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ، جن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ انهن چيئرمين خلاف نعريبازي ڪئي.

لونگ خان دراني، ذوالفقار علي ڀٽي، عبدالحميد پيرزاده، مقصود احمد بروهي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسپورٽس چيئرمين شبير لاشاري گذريل ڏهن مهينن دوران راندين جي بهتري لاءِ  ڪوڪم ناهي ڪيو

هي به پڙهي سگهو ٿا: نوابشاھ : ٽي يتيم ٻارڙيون گم، وارث پريشان

هنن الزام هڻندي چيو ته شبير لاشاري ڪرپٽ ماڻهو آهي، جنهن جي خلاف نيب ۾ به جاچ هلندڙ آهي، هو ڪرڪيٽرن سان ناانصافيون ڪري رهيو آهي، جواد ڀٽي کي بهترين ڪارڪردگي باوجود ريجن جي هڪ به ميچ نه ڏنو وئي.

نوجوانن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کان مطالبو ڪيو ته چيئرمين شبير لاشاري کي هٽائي ڪرڪيٽ کي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like