ننڍي ماڻهو کي وڏي ڪرسي تي ويهاريو ويو…! ن ليگ ميدان تي

 

لاهور(ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته بدترين سياسي انتقام ۽ حڪومتي قوت سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ تي عمران خان جو نالو ڪارن لفظن ۾ لکيو ويندو.

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌراڳواڻ حمزه شهباز جو جيل ۾ گهر جو کاڌو ڪرڻ تي مذمت ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته انڊر ٽرائل کي جيل مينوئل حق ڏيندو آهي ته ان کي گهر جو کاڌو فراهم ڪري سگهجي ٿو، پر حڪومت وقت بدترين سياسي انتقام جو مثال قائم ڪري ڇڏي آهي، عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو ته ننڍي ماڻهو کي وڏي ڪرسي تي ويهاريو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حڪومت علاج جون سهولتون کسي عوام کي ڊينگي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي: مريم اورنگزيب

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان جا مخالف ڊڄڻا ۽ ڪم ظرف آهن، توهان جي نالائقي، نااهل ۽ ڪوڙ جو پول هر گهڙي ۽ هر پاڙي ۾ کلي چڪو آهي، بدترين سياسي اتنقام ۽ حڪومتي قوت سياسي مخالفن جي خلاف استعما ڪرڻ تي تاريخ ۾ توهان جو نالو ڪارن لفظن ۾ لکيو ويندو.

ن ليگ جي ترجمان چيو ته سازشن سان اسان جهڪڻ وارو ناهيون، اسان منٿ ڪيون، اِها توهان جي حسرت ئي رهندي، نواز شريف ۽ ان جي شينهن کي بکيو، اڃيو رکي انهن جا حوصلا ٽوڙي نٿا سگهجن، جيتري مرضي ظلم ڪري وٺو آواز کي دٻائي نٿو سگهجي. مسل ليگ ن جي ڪارڪنن کي ڊيڄاري  ڌمڪائي هيٺ نٿو ڪيرائي سگهجي ۽ نه ئي پارٽي کي ٽوڙي ٿو سگهجي پارٽي به زندهه رهندي ڪارڪن به زندهه رهندا ۽ اسان به.

 


واضح رهي ته مريم اورنگزيب چيو هو ته نالائق حڪومت صحت جون سهولتون، مفت ٽيسٽ ۽ دوائون کسي عوام کي ڊينگي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته روزگار، ڪاروبار ۽ مهانگائي جي سونامي جون تباهيون حڪومت جي بدانتظامي ۽ خراب حڪمراني جو ثبوت آهن، اها ئي حڪومتي نااهلي ۽ بروقت قدمن نه کڻڻ سبب ڊينگي جو مرض پکڙجي رهيو آهي.

You might also like