ناروي جي ضرورت کان ٻيڻي بجلي ٺاهيندڙ ماحول دوست عمارت

اوسلو (ويب ڊيسڪ) ناروي ۾ هڪ جديد ترين ماحول دوست عمارت ٺاهئي وئي آهي جيڪا پنهنجي استعمال کان ٻيڻي بجلي تيار ڪري ٿي، ان جي ڊيزائيننگ خاص انداز سان ڪئي وئي آهي جيڪا سج جي روشني کي ڀرپور طريقي گڏ ڪري ٿي.

ان انوکي عمارت جي ڇت پينٽاگون شڪل جي آهي جنهن تي ٽئي هزار چورس ميٽر وسيع شمسي (سولر پينل) لڳل آهن. اهي پينل هر سال 5 لک ڪلو واٽ ڪلاڪ جي بجلي ٺاهن ٿا جيڪا عمارت جي روز مرهه جي ضرورت کان ٻيڻي آهي. ان عمارت کي سنو ايٽا ڪمپني ڊيزائين ڪيو آهي ۽ عمارت کي “براتورڪايا” جو نالو ڏنو ويو آهي.

اها عمارت ناروي جي شهر ٽرونڊائيم ۾ موجود آهي ۽ ان جي بنياد ۾ بجلي گھر ٺاهيو ويو آهي جيڪو شمسي توانائي گڏ ڪندو آهي ۽ سموري عمارت واپاري آفيسن لاءِ ٺاهي وئي آهي. ان کي يورپ جي سڀ کان هاڪاري توانائي (انرجي پازيٽو) عمارت قرار ڏنو ويو آهي.

ان ماحول دوست ۽ جٽادار عمارت ۾ هڪ طرف انسوليشن جو بهترين نظام آهي ۽ ٻئي پاسي وينٽي ليشن ۾ گرمي پد کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جو بهترين نظام ٺاهيو ويو آهي ۽ عمارت ٿڌي رکڻ لاءِ هڪ پمپ لڳايو ويو آهي جيڪو ويجهي سمنڊ مان پاڻي ڇڪي ٿو ۽ عمارت کي ٿڌو رکي ٿو.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ايپل جي آفيس جيڪا قدرتي آفتن کان محفوظ رهندي

ڇت تي گڏ ٿيندڙ برساتي پاڻي بيت الخلا ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان ۾ لڳل بلب رڳو تڏهن ٻرن ٿا جڏهن ڪو ڪمري ۾ موجود هجي ۽ هڪ جديد بجلي نظام جي استعمال کي ڪنٽرول ڪري ٿو.