”ناجائز حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رهندي“

 

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان تي اهڙا حڪمران مڙهيل آهن، جن کي خبر ئي ناهي ڪشمير مسئلو ڇا آهي.

مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 70 ورهين کان ڪشميرين کي پاڪستان جو رستو ڏيکاريو ويو پر حڪمرانن جي پاليسين سبب اسان هڪ قدم به اڳتي نه وڌياسين، مودي سرڪار جي 5 آگسٽ جي فيصلي هڪ نئين تڪرار کي جنم ڏنو، پاڪستاني حڪومت ڪيئن ٿي چئي سگهي ته اهو اوچتو ٿيو ۽ اسان کي خبر ناهي؟ جيتوڻيڪ آرٽيڪل 370 ختم ڪرڻ تي بي جي پي جو منشور ۽ چونڊ مهم جو حصو هو، جڏهن ته منهنجي ملڪ جو ناجائز حڪمران چوندو رهيو ته مودي ايندو ۽ ڪشمير مسئلو حل ڪندو.

هن چيو ته اسان جا حڪمران آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي احتجاج کان پاسيرا آهن، حيرت جي ڳالهه آهي ته پاڪستان جا حڪمران رياست جو موقف پيش ڪندي آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي اطمينان جو اظهار به ڪندا آهن، پوءِ چوندا آهن اسان ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاريو، ان ۾ هنن جو ڪهڙو ڪردار؟ اهو سڀ ته چين ڪيو.

سندس چوڻ هو ته هاڻ حڪومت نه بچندي، اها شايد پهريان حڪمران آهن، جن جي رهنمائي تي قوم شرمنده آهي، سڄو ملڪ ناجائز حڪومت جي خاتمي لاءِ اسلام آباد ايندو ۽ ناجائز حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.