ميرواهه گورچاڻي: انتظاميا جي نااهلي سبب رولو ڪتن جو آزار، ڳوٺاڻا پهرو ڏيڻ تي مجبور

عوامي آواز رپورٽ
ميرواهه گورچاڻي: انتظاميا جي نااهلي سبب رولو ڪتن جو آزار، ڳوٺاڻا پهرو ڏيڻ تي مجبور
عوامي آواز رپورٽ ميرواهه گورچاڻي: انتظاميا جي نااهلي سبب رولو ڪتن جو آزار، ڳوٺاڻا پهرو ڏيڻ تي مجبور

 

ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ انتظاميا جي نااهلي سبب رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو.

ڳوٺ الله بخش ۽ اميد علي لغاري جا رهواسي رات جو چوپائي کي رولو ڪتن کان بچائڻ لاءِ پهرو ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ڳوٺاڻن حسن لغاري ۽ ٻين چيو ته سند ڳوٺن ۾ رولو ڪتا ڇتا ٿي ويا آهن جيڪي ماڻهن ۽ چوپائي مال کي ڏاڙهي رهيا آهن.

ايس او ٽي…

سندن چوڻ هو ته هنن انتظاميا کي ڇتن ڪتن جي آزار بابت دانهن ڏني پر شجاع آباد تعلقي جا عملدار ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

ايس او ٽي.

هنن گهرڪئي ته نوٽيس وٺي رولو ڪتن خلاف مهم هلائي عوام کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي

You might also like