مڇيءَ جهڙو اڏامندڙ روبوٽ تيار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن پاڻي جي جاچ لاءِ هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي جيڪو پاڻ ۾ ٽٻي هڻي نڪري سگھي ٿو ۽ ڪجهه دير تائين اڏامي به سگھي ٿو.

امپيريل ڪاليج لنڊن جي ماهرن طرفان تيار ڪيل ان روبوٽ کي فلائنگ فش جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو پاڻي ۾ مڇي جيان ٻاهر نڪري ۽ ٽٻي هڻي ٿو ۽ ان دوران پنهنجو توازن به برقرار رکي سگھي ٿو.

پاڻيءَ  مان نڪرڻ کان پوءِ اهو 26 ميٽرن تائين هوا ۾ اڏامي سگھي ٿو.

اهو ڪو ڊرون يا روبوٽ يا هوائي جهاز نه آهي. ان روبوٽ کي تيار ڪرڻ جو مقصد ان ذريعي پاڻي جا نمانا وٺي ماهرن تائين پهچائڻ آهي.

اهو روبوٽ انهن ڏکين جائن تي موڪلڻ لاءِ بهترين آهي جتي انسان جي پهچ نه آهي، ان روبوٽ ذريعي برف وچ مان پاڻي جا نمونا وٺڻ به سولو ٿي ويندو.

روبوٽ ۾ هڪ ننڍو ٽينڪ لڳايو ويو آهي جتي پاڻي گڏ ٿئي ٿو. هن وقت ان روبوٽ کي تجرباتي بنيادن تي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ماهرن کي اميد آهي ته هو جلد ان ذريعي سمنڊن ۽ درياهن جي به جاچ ڪري سگھندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.