مودي پنهنجي حرڪتن سان ڀارت کي ذليل ۽ خوار ڪري رهيو آهي: شاهد آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته مودي پنهنجي حرڪتن سان سڄي دنيا ۾ ڀارت کي ذليل ۽ خوار ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم عمران جي اپيل تي اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار  لاءِ “ڪشمير آور” ملهايو ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڪراچي کان وٺي خيبر تائين ماڻهو گھرن کان نڪري آيا آهن.

اڄ هر شهر ۽ گھٽي گھٽي ۾ ماڻهو ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سڄي قوم پاڪستان حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: شاهد آفريدي جو ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ايل او سي وڃڻ جو اعلان

سندس چوڻ هو ته  گڏيل قومون ڪهڙي قسم جي تظيم آهي، جڏهن مسلمان ملڪن ۾ ڪجهه ٿيندو آهي ته گڏيل قومون گم ٿي وينديون آهن.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته عوام هڪ ٿيڻ لاءِ ڪنهن سانحي جو انتظار نه ڪندو ڪري اسان کي هر وقت گڌ هئڻ گھرجي.

واضح رهي ته ان کان اڳ شاهد آفريدي مظلوم ڪشميرين سان ڪيجهتي جي اظهار لاءِ لائين آف ڪنٽرول وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.

پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ شاهد آفريدي والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي ظلم سبب متاثر عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلد ايل او سي وڃڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو هو  ته وزيراعظم جي آور لاءِ جمعي جي ڏينهن 12 وڳي قائد اعظم جي مزار تي ويندس، ڪراچي وارا به مون کي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جوائن ڪن.

You might also like