دنيا ۾ موبائيل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ اسپيڊ ۾ پاڪستان 166 هين نمبر تي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) موبائيل انٽرنيٽ ڊائون لوڊ اسپيڊ ۾ پاڪستان 116 نمبر تي اچي ويو، پاڪستان ان معاملي ۾ الجزائر، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ڀارت کان اڳڀرو آهي ۽ ڀارت ان لسٽ ۾ 130 هين نمبر تي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ جي ميپنڪ ڪندڙ اداري اوڪلا دنيا ۾ موبائيل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ جي لسٽ جاري ڪئي آهي.

موبائل انٽرنيٽ جي لسٽ ۾ ڏکڻ ڪوريا 97.44 ايم بي پي ايس جي ڊائون لوڊ اسپيڊ سان لسٽ ۾ سڀ کان مٿانهون آهي، ٻئي نمبر تي آسٽريليا آهي جتان جي رفتار 63.34 ايم بي پي ايس آهي، ان کان پوءِ قطر 61.72 ايم بي پي ايس سان ٽئين نمبر تي آهي.

فهرست ۾ گڏيل عرب عمارتون 61.24 ايم بي پي ايس سان چوٿين نمبر تي ۽ ناروي 60.90 ايم بي پي ايس اسپيڊ سان پنجين نمبر تي آهي.

پاڪستان 144 ملڪن جي ان لسٽ ۾ 116 نمبر تي آهي جتي موبائل انٽرنيٽ ڊائون لوڊنگ جي رفتار 13.55 ايم بي پي ايس آهي، پاڪستان ان معاملي ۾ الجزائر، انڊونيشيا، بنگلاديش ۽ ڀارت کان اڳتي آهي ۽ ڀارت ان لسٽ ۾ 130 هين نمبر تي آهي.

رپورٽ موجب 2 ورهين ۾ سڄي دنيا ۾ موبائيل انٽرنيٽ  اسپيڊ 21.4 سيڪڙو کان وڌي 22.81 کان 27.69 ايم بي پي ايس تائين وڌي وئي آهي پر جيڪڏهن براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ جي ڳالهه ڪجي ته ان معاملي ۾ سنگاپور 191.93 ايم بي پي ايس سان سڀ کان اڳتي آهي جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا 156.18 ايم بي پي ايس سان ٻين نمبر تي موجود آهي.

177 ملڪن جي ان لسٽ ۾ پاڪستان 156 هين نمبر تي آهي، جتي اها رفتار 9.02 ايم بي پي ايس آهي جڏهن ته ڀارت 30/74 ايم بي پي ايس سان 70 هين نمبر تي آهي.

You might also like