منظور وساڻ خلاف جاچ جي رپورٽ لاءِ نيب کي 11 ڊسمبر تائين مهلت

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور وساڻ جي خلاف نيب جي جاچ رپورٽ 11 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ خلاف نيب جي جاچ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي ، جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿي عدالت کي استدعا ڪئي ته منظور وساڻ خلاف جاچ جاري آهي، حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.  عدالت نيب کي 11 ڊسمبر تائين جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منظور وساڻ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان لاءِ جيلون نيون ناهن. هن وقت حالتون اهڙيون آهن جو حڪومت هاڻ وڃڻ جي لاءِ تياري ڪري وٺي.  03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.