منشا پاشا ۽ جنيد خان جي رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل نئين فلم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪارا منشا پاشا جلد اداڪار جنيد خان سان گڏ فلم ۾ ڊيبيو ڪندي نظر ايندي، جيڪا نه رڳو ٻنهي جي رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل هوندي پر شوقينن کي هڪ انوکي ڪهاڻي به ڏسڻ لاءِ ملندي.

هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو  ڏيندي منشا پاشا ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هوءَ جنيد خان سان گڏ ايندڙ فلم “ڪهي دل جڌر“ سان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪندي.

ان فلم جي ڪهاڻي بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ کان پاسلو ڪندي هن ٻڌايو ته “ڪهي دل جڌر” هڪ انوکي فلم هوندي ۽ هنن اڄ ڏينهن تائين اهڙي فلم ناهي ڏٺي ۽ نه ئي ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي.

منشا پاشا موجب “ڪهي دل جڌر“ هڪ ڪمرشل فلم هوندي جيڪا سندس لاءِ گھڻي اهميت رکي ٿي ۽ اها فلم جنيد خان جي پهرين فلم “لال ڪبوتر” کان مختلف آهي.

اداڪارا ۽ گلوڪارا موجب هن وقت فلم جي شوٽنگ جاري آهي ۽ ان فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته هوءَ ان ۾ اداڪار ڪرڻ سان گڏ ساٿي هيرو جنيد خان سان گڏ آئٽم سانگ پرفارمنس به ڪندي نظر ايندي.

هن ٻڌايو ته هن وقت تائين فلم کي رليز ڪرڻ جي تاريخ طئي ناهي ڪئي وئي، جيتونيڪ هن وقت اسان فلم جي پهرين مرحلي تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ جلد ان کي رليز ڪرڻ جي تاريخ به طئي ڪئي ويندي.

هوڏانهن فلم جي حوالي سان جنيد خان جو چوڻ هو ته سندس فخر آيه ته هو “ڪهي دل جڌر” جي ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.

هن ٽيم جي تريف ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو ان کان اڳ به منشا پاشا سان گڏ مختلف ڪم ڪري چڪو آهي، پر هن ڀيري انوکو تجربو ٿيو آهي.

گڏوگڏ هن فلم جي هدايتڪار جي به تعريف ڪئي ۽ ٻڌايو ته جلال الدين رومي کي گھڻا ماڻهو ميوزڪ ڊائريڪٽر طور سڃاڻيندا آهن، پر هن ان فلم ۾ گھڻي محنت ڪئي آهي ۽ گڏ ئي هن ٽيم سان به محبت ڪرائي آهي.

جنيد خان به فلم جي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو، پر هن اهو ٻڌايو ته فلم شوقينن جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

واضح رهي ته “ڪهي دل جڌر” فلم جي ڪهاڻي ڪامران باري لکي آهي ۽ ان جي ڪاسٽ ۾ ٻيا به ناليوارا اداڪار شامل آهن.