مفتاح اسماعيل ۽ شاهد خاقان جي ريمانڊ ۾ واڌ….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي جسماني ريمانڊ ۾ 26 سيپٽمبر تائين جي واڌ ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب طرفان اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران نيب طرفان شاهد خاقان عباسي جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي ريمارنڊ جي اپيل ڪئي وئي، شاهد خاقان عباسي پاڻ روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته ڪالهه جيڪو چيف جسٽس چيو ڳالهه سڄي اِها ئي آهي، هي سڀ سياسي ڪيس آهن، مون کي خدشو آهي ته هي مون تي ڪوڙا ڪيس بڻائيندا، هن ک بي شڪ هڪ ئي ڀيرو 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي ڏئي ڇڏيو، ڳالهه اِها ئي آهي جيڪا مون پهرين ئي ڪري ڇڏي هئي. عدالت شاهد خاقان عباسي جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:شاهد خاقان عباسي جي ريمانڊ ۾ ٻيهر واڌ….!

ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اڳوڻي ايم ڊي پي ايس او شيخ عمران الحق کي به احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي آڏو پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي اپيل ڪئي وئي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي جسماني ريمارنڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي،  جنهن تي وڪيل صفائي  جو چوڻ هو ته اسان جو ان ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، مفتاح اسماعيل کي 23 ڪلاڪ اڪيلو رکيو ويندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ هن کي کاڌو ته خاقان عباسي سان گڏ ڏنو وڃي.

صفائي وڪيل رفان نيب جي جسماني ريمانڊ جي اپيل جي مخالفت ڪئي وئي.

 عدالت مفتاح اسماعيل ۽ شيخ عمران الحق جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي اپيل تي به فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ايل اين جي ڪيس جي جاچ آفيسر ملڪ زبير عدالت ۾ بيان ۾ چيو ته آئون ڪراچي ويو هيس، سڄو ريڪارڊ پاڻ کڻي آيو آهيان، ريڪارڊ ۽ ثبوتن جي روشني ۾ وڌيڪ جاچ ڪرڻ چاهيان ٿو.

بعد ۾ عدالت ٽنهي جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 26 سيپٽمبر تائين جي واڌ ڪندي وڌيڪ 14 ڏينهن جي لاءِ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ شيخ عمران الحق شامل آهن.

 

You might also like