مصنوعي ذهانت ”اي آءِ اِي سي جي” جيڪا سموري جسم جي صحت کان آگاهه ڪري ٿي

مني سوٽا (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن مصنوعي ذهانت کي عام اليڪٽروڪارڊيوگرام (اي سي جي) تي آزمايو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا آهن. پهرين مرحلي ۾ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) يا اي آءِ رڳو اي سي کي ڏسندي مريض جي عمر ۽ جنس جو وڏي حد تائين درست اندازو لڳايو جيڪو هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

سرڪيوليشن، ارڌميا اينڊ اليڪٽروفزيالوجي، نالي رسالي ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ موجب مايوڪلينڪ ڪاليج آف ميڊيسن اينڊ سائنس روچيسٽر جي ماهرن چيو آهي ته هنن هڪ تربيت يافتا اي آءِ ٽول کي پهريان هزارين اي سي جي ڏيکاريون. ان پروگرام کي ڪنويولشنل نيورل نيٽ ورڪ (سي اين اين ) چيو ويندو آهي.

ماهرن هڪ يا ٻه نه پر 500،000 ماڻهن جي اي سي جي استعمال ڪيون. ان کان پوءِ وڌيڪ ٻه لک 75 هزار ماڻهن جي اي سي جي ورتي وئي ته اي آءِ جي پراگرام ڪاميابي سان اي سي جي ذريعي مريضن جي عمر ۽ جنس جو پتو لڳائي ورتو. پر سافٽ ويئر 90 سيڪڙو درستگي سان ٻڌايو ته هي مرد آهي هيءَ عورت ۽ 72 سيڪڙو درستگي سان عمر جو احوال ٻڌايو.

ان کان پوءِ سائنسدانن جي ٽيم 100 اهڙن ماڻهن تي اي آءِ کي آزمايو جن جي گذريل 20 ورهين کان کان اي سي جي هڪ هنڌ موجود هئي. ان مرحلي تي خبر پئي ته مصنوعي ذهانت جو پروگرام ڪنهن شخص جي دل جي ڪيفيت ڏسندي ئي ان جي عمر ظاهر ڪري ٿو.

دل جي مرضن جو شڪار مريضن جي عمر  سافٽ ويئر وڌيڪ  ڏيکاري ڇو جو اهو دل جي ڪيفيت کي ڏسي رهيو هو. پر دل جي معمولي نقص جو شڪار يا مڪمل صحتمد ماڻهن ۾ عمر جو درست حساب لڳايو ويو. ان  دل جي مرض جو شڪار ماڻهن جي عمر تقريبن 7 ورهيه وڌيڪ ڏيکاري هئي.

اهڙيءَ طرح اهو سافٽ ويئر گڏيل طور تي فعلياتي ۽ حياتياتي عمر ظاهر ڪري ٿو . پر  ان حياتياتي ۽ فعلياتي عمر سبب اسان ڄاڻي سگهون ٿا ته دماغ، دل ، جيري ۽ ڦڦڙن جي اصل عمر ڇا آهي ۽ ان سبب علاج جا نوان دڳ کلي سگھن ٿا.  مختصر اي سي جي کي اي آءِ مان گذاريو وڃي ته سموري جسم جي ٻين گشن مان تان به پردو هٽائي سگھجي ٿو ۽ گڏيل طو ر تي جسماني صحت جو احوالي سامهون اچي ٿو.

هڪ ڊگھي عرصي کان ماهر چئي رهيا آهن ته انسان جي تاريخي عمر ۽ سندس عضون جي عمر فرق هوندو آهي ۽ ان ڪري اي آءِ جي سهڪار سان اي سي جي کي وڌيڪ پڙهي انساني صحت جي ڪيترن ئي گوشن کي ڄاڻي سگھجي ٿو.

You might also like