مصباح الحق قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مقرر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) تاريخي فيصلو ڪندي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق کي پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي ڪوچ وقار يونس کي بالنگ ڪوچ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

پي سي بي طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ شفافيت ۽ احتساب جو نظام آڻڻ لاءِ مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو به ڏنو ويو آهي، جيڪو ٽن ورهين تائين پنهنجون ذميواريون نڀائيندو، ان سان گڏوگڏ اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس کي به ٽن ورهين لاءِ ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مصباح الحق پاڪستاني ٽيم کي ذهني طور ڪمزور قرار ڏئي ڇڏيو

بورڊ جو چوڻ آهي ته نئين ڪرڪيٽ اسٽرڪچر موجب 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز جا هيڊ ڪوچ به مصباح الحق جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ سليڪشن ڪميٽي جو حصو هوندو.

پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مصباح الحق جي تجويز تي ئي وقار يونس کي ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو.

پي سي بي جي اعلان کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته قومي ٽيم جي ڪوچنگ ۽ بهترين نالن ۾ شامل ٿيڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ٽيم جي ڪوچنگ هڪ وڏي ذميواري آهي پر جيڪڏهن مان اها ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار نه هجان ها ته ڪڏهن به ان لاءِ درخواست نه ڏيان ها.

هن چيو ته مان وقار يونس جي تجربي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندس، بالنگ ڪوچ لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ٻي ڪا چونڊ نٿي ٿي سگهي.

You might also like