مصباح الحق سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني ٽيم جو اعلان ٿي ويو.

ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا، جيڪي شروعاتي 20 رانديگرن ۾ شامل هئا.

سريلنڪا خلاف 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي ڪپتاني سرفراز احمد ڪندو، جڏهن ته بابر اعظم کي نائب ڪپتان قرار ڪيو ويو آهي.

ٻين رانديگرن ۾ عابد علي، آصف علي، فخر زمان، حارث سهيل، محمد حسنين، افتخار احمد، عماد وسيم، امام الحق، محمد عامر، شاداب خان، عثمان شنواري، محمد نواز ۽ محمد رضوان شامل آهن.

صحافين سان ڳالهائيندي مصباح الحق ٻڌايو ته حسن علي کي چيلهه ۾ تڪليف سبب ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته محمد حفيظ کي بورڊ طرفان ڪيريبيئن پريميئر ليگ کيڏڻ لاءِ اين او سي مليل آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 27 سيپٽمبر تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ ايندڙ ٻه ميچون به اتي ئي ٿينديون.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن کانپوءِ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز پڻ کيڏي ويندي، جنهن جي ميزباني لاهور جو قذافي اسٽيڊيم ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.