مشن چندريان ٽو جي ناڪامي ۽ زنگ آلود پاڪستاني معاشرو

شفيق باجڪاڻي

ڀارتي خلائي  اداري "انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن” طرفان چنڊ تي موڪليل مشن "چندريان ٽو” چنڊ جي بلڪل ويجھو ڪجھ منٽن جي مفاصلي تي ھو جو مشن جو زمين سان رابطو ٽٽي پيو.

 ڀارتي خلائي  مشن چندريان ٽو  چنڊ جي ڏاکڻي قطب کان 2.1  ڪلوميٽر جي دوري تي ھو. جو لينڊر "وڪرم ماڊيول” سان رابطو ٽٽي پيو. ائين ئي ڀارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان رھجي ويو.

 ان کان پھريان 2008 ع ۾ ڀارت جو پھريون خلائي مشن "چندريان ون” به  چنڊ جي سطح تي لھڻ ۾ ناڪام ٿيو ھو پر ان ريڊار جي مدد سان چنڊ تي پاڻي جي موجودگي بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. ڀارت جي چندريان ٽو مشن کي چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي لھڻو ھو ان کان پھريان دنيا جو ڪو به ملڪ چنڊ جي ان حصي تي ڪونه ٿي ويو.

 ھن مشن جو مقصد چنڊ جي سطح تي پاڻي ۽ معدنيات جي موجودگي ۽ چنڊ تي ايندڙ زلزلن جي باري ۾ پتو لڳائڻ ھو. مشن ۾ ناڪامي جو سبب مشن چندريان ٽو جي خلائي گاڏي جيڪا ٽن حصن تي مشتمل هئي جنھن ۾ مدار ۾ ڦرڻ وارو حصو "آربيٽر”, چنڊ جي سطح تي لھڻ وارو حصو "لينڊر” ۽ چنڊ جي سطح تي گھمڻ وارو  حصو "روور” شامل هئي تنهن  گاڏي جو چنڊ جي سطح تي لھڻ واري حصي لينڊر جنهن کي انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن جي عظيم باني ڊاڪٽر وڪرم ساراڀائي جي نالي جي نسبت سان "وڪرم” رکيو ويو, تنھن سان انڊين ريسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) ۾ ويٺل مشن کي آپريٽ ۽ ڪميونيڪيٽ ڪندڙ سائنسدانن جو رابطو ٽٽي پيو.

 مشن چندريان ٽو ۽ اسرو ۾ ويٺل خلائي گاڏي کي سيٽلائيٽ ذريعي آپريٽ ڪندڙ سائنسدانن جا منظر ڀارتي چينلن تي براھ راست ڏيکاريا پئي ويا. دنيا جا اھل علم ۽ اھل شعور ماڻهو مشن جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ ملندڙ نئين  تحقيق جي آس ساڻ اھي منظر براھ راست ڏسي رھيا هئا.

جڏھن خلائي  گاڏي جو رابطو انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن جي ھيڊڪوارٽر کان ٽٽي پيو ته انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن جي ھيڊڪوارٽر ۾ ويٺل سڀني سائنسدانن،  ڀارتي وزيراعظم ۽ ميڊيا تي براھ راست مشن جا منظر ڏسندڙ ڀارتي عوام سان گڏوگڏ دنيا جي ھر تحقيق پسند ماڻھو جي چھرن تي اداسي ڇانئجي وئي.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان جي زنگ لڳل ذھنن چندريان ٽو جي ناڪامي تي ڀارت سان ملڪي رنجشن جي بنياد تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پاڪستاني ميڊيا توڙي سياستدانن ۽ اخلاقي قدرن کان اڻ واقف پاڪستان جي بي سمجھ عوام سوشل ميڊيا تي, جاھلاڻـ سوچ جو مظاھرو ڪندي ان ناڪامي کي ڀارت جي ناڪامي قرار ڏئي طنز پئي ڪيو. حالانڪـ ھي ڀارت جي ناڪامي نه  هئي بلڪـه سائنس جي فيلڊ ۾ ايندڙ نئين تحقيق جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪوشش جي ناڪامي هئي.

 ڇاڪاڻ جو ان مشن ذريعي ملندڙ معلومات مان فقط ڀارت جو فائدونه پر تمام عالم جو ڀلو ٿئي ھا،  ھر ملڪ لاءِ نئين تحقيق ھجي ھا، ھر فرد کي سائنس جو نئون راز سلجھي ملي ھا افسوس جو ڀارت سان ملڪي، سياسي ۽ سماجي اختلافن جي بنياد تي اسان پاڪستانين جون دليون ڀارت لاءِ ايترو بغض سان ڀرجي ويون آھن جو اسين حقيقتن ۽ فوائد بني آدم وارن قدمن کي سمجهڻ کان به ڪاسر آھيون. ڪاش ڪوئي ھن ديس جي زنگ لڳل ذھنن مان زنگ صاف ڪري ته ھنن کي پتو پوي ته بلب، بجلي، ڪمپيوٽر، موبائل فونز، ايئر ڪنڊيشنر، گاڏيون ۽ مشينري سميت تمام سائنسي ايجادون فقط ھڪ فرد، ھڪ گروھ، ھڪ قوم ۽ ھڪ ملڪ لاء ايجاد ڪونه ڪيا ويا هئا بلڪه  سڄي عالم جي انسانن جي آساني ۽ ڀلائي لاءِاھي ايجادون ڪيون ويون ھيون ۽ انهن سائنسي ايجادن جي پويان ھزارين ماڻهن، سڀني قومن، سڀني ملڪن جي ماڻھن جي سوين سالن کان ھلندڙ گڏيل تحقيق ۽ گڏيل جدوجهد هئي جنهن سان ھر ملڪ کي, ھر قوم کي، ھر فرد کي فائدو ٿيو . بلڪل ائين ئي چندريان ٽو مشن جي ڪاميابي سان دنيا آڏو نيون ڳالهيون اچن ھا، نوان راز کلن ھا،نئين تحقيق سامهون اچي ھا جيڪو سڀني لاءِ ڪارآمد ھجي ھا پر افسوس جو ان ۾ ناڪامي ملي. پر ضروري ناھي جو ھر ويل ان ڪوشش ۾ ناڪامي ملي, نيٺ ته ڪاميابي ملڻي آ پوء ڀلي ذريعو ڪير به ھجي.