مسوڀرڳڙي ويجهو معصوم نينگري ايڊز وگهي فوت، ڪيترائي ماڻهو بيمار

مسو ڀرڳڙي (رپورٽ : علي رضا چنڊ ) مسوڀرڳڙي ويجهو معصوم نينگري ايڊز وگهي فوت، ڪيترائي ماڻهو بيمار، خبرموجب مسو ڀرڳڙي  لڳ ڳوٺ آخوند جو بنگلو ۾چار سالن جي معصوم نياڻي زويا بڙدي ايڊز جي موذي مرض سان جھيڙيندي اڄ زندگي جي جنگ ھارائي وئي. جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ سندس ماءُ به ايڊز وگھي فوت ٿي وئي هئي. ھن معصو ٻارڙي سميت حيدرآباد ٻھراڙي ۾ايڊز وگھي فوتين جو انگ 17 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ايڊز ۾فوت ٿيلن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارن ۽ عورتن جو به آھي. ٻئي طرف علائقي ۾سنڌ حڪومت ايڊز ڪنٽرول  پروگرام جي لاپرواهي سبب تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي مختلف يوسين جي ڳوٺن ۾علائقي واسي ايڊز مرض ۾ ورتل آھن پر سنڌ سرڪار طرفان ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي. جنهن ڪري ڪيترائي گهر اجڙي ويا آھن. علائقي واسين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي هتان جي علائقي واسين جو مفت سرڪاري خرچ ته علاج ڪرائي دوائون ميڊيسن ڏنيون وڃن ته جيئن سندن حياتيون بچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.