مري برادري جي معزز ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪراچي /حيدرآباد /سکر (نمائندن وٽان)مري برادري جي معزز ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ٻن نينگرن جي ناحق گرفتاري /ڏسو صفحو 2 ڪالم 3خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، حيدرآباد ۾ امير الدين مري، عبدالرحمان مري، غمشاد مري۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيو. ٻئي طرف لاڙڪاڻو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، ميرپورساڪرو، ٺل، ڪوٽڏيجي، ڌاٻيجي، جوهي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او سڪرنڊ هڪ وڪيل جي چوڻ تي مري برادري جي معزز ماڻهو مير قربان مري تي داخل ڪرايل ڪوڙي ڪيس جي آڙ ۾ مير قربان مري جي گهر تي چڙهائي ڪري ٻن ڇوڪرن 14 سالن جي فيصل ۽ 12 سالن جي فرحان عمر کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.هنن ته سڪرنڊ پوليس مري برادري جي معزز ماڻهو جي گهرن تي چڙهائي ڪري ناانصافي ڪئي آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪري گم ڪيل ٻن نينگرن کي آزاد ڪرائي ڪوڙو ڪيس ختم ڪرايو وڃي.