مرغي کائڻ جي عادت اوهان کي ڪينسر جو شڪار بڻائي سگھي ٿي: تحقيق ۾ دعويٰ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مرغي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کاڌو ويندڙ گوشت آهي پر اهو اوهان کي ڪينسر جو شڪار به بڻائي سگھي ٿو، برطانوي تحقيقاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وچولي عمر ۾ غذائي پروٽين جهڙوڪ کير، مرغي، مکڻ ۽ پنير وغيرهه سان هارٽ فيليئر جو خطرو 49 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ اها دعويٰ سامهون آئي آهي ته گھڻو چڪن کائڻ جي عادت رت جي ڪينسر ۽ مردن کي مثاني جي ڪينسر جو شڪار بڻائي سگھي ٿي.

تحقيق دوران 4 لک 75 هزار کان وڌيڪ وچولي عمر جي ماڻهن جي غذائي عادت جو جائزو 2006ع کان 2014 تائين ورتو ويو، انهن ماڻهن جي خوراڪ سان گڏ انهن مرضن جو تجزيو به ڪيو  ويو، جن جو هو شڪار هئا ۽ انهن مان 23 هزار ماڻهن ۾ ڪينسر جي تشخيص ٿي ۽ انهن ۾ چڪن کائڻ جي عادت سوڌو رت ۽ مثاني جي ڪينسر وچ ۾ واسطو موجود هو.

ان تحقيق ۾ ڄاڻايل دعويٰ ته ڪئي وئي پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ان جو سبب ڇا آهي پر تحقيق ڪندڙن موجب ان جا ڪيترائي عنصر ٿي سگھن ٿا جهڙوڪ مرغي رنڌڻ جو طريقو وغيره. هن وقت تائين مرغي جي گوشت کي صحت بخش متبادل تصور ڪيو ويندو هو، ڳاڙهي گوشت جو گھڻو استعمال به مختلف قسمن جي ڪينسر جو خطرو وڌائي سگھي ٿو.

اها تحقيق ڪندڙن تسليم ڪيو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن جين ۽ ڪينسر جي وچ ۾ واسطي جي وضاحت ٿي سگھي.

سندس چوڻ هو ته اسان جو خيال هو ته نتيجن مان خبر پوندي ته ڳاڙهو گوشت اڇي گوشت جي ڀيٽ ۾ بلڊ ڪوليسٽرول ليول تي وڌيڪ ناڪاري اثر وجهندو هوندو پر اهو ڄاڻي حيران ٿي وياسين ته ائين نه آهي پر ٻنهي قسمن جا گوشت ڪوليسٽرول تي هڪ جهڙا ئي اثر وجهن ٿا.

هنن چيو ته ڳاڙهو يا اڇو ڪنهن به قسم جي گوشت کي پنهنجي حساب سان استعمال ڪرڻ نقصان نقصان ڏيندڙ ڪولسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جنهن سان دل جي مرض ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته وچولي عمر ۾ غذائي پروٽين جهڙوڪ کير، مرغي، مکڻ ۽ پنير وغيره سان هارٽ فيليئر جو خطرو 49 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏي ٿو، مڇي ۽ بيضن ۾ موجود پروٽين سان اهو خطرو نٿو وڌي، حيواني پروٽين جو گھڻو استعمال ان خطري کي 43 سيڪڙو جڏهن ته نباتاتي پروٽين جي استعمال سان 17 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو.

You might also like