مرتضيٰ جي قاتلن کي صدارتون ۽ ترقيون مليون، عمران بزدل آهي: غنويٰ ڀٽو

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+ربنواز ناريجو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته اسين اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهيون اسان کي اهڙي طرح ملندي 23 سال گذري چڪا آهن، 23 سالن جي عرصي کان اسان انصاف جو مطالبو ڪندا پيا اچون پر اسان کي انصاف ناهي مليو، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي جي موقعي تي ڪوٺايل جلسي عام کي خطاب دوران غنويٰ ڀٽو وفاقي حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته مان تبديلي خان سان مخاطب ٿيندي چوان ٿي ته گهر واري جي تبديلي کي تبديلي نه سمجهو جهڙي طرح اوهان هڪ گهر واري کان بعد ٻي گهر واري حاصل ڪئي اهڙي طرح پاڪستان ۾ به هڪ وزيراعظم بعد ٻيو وزيراعظم ڀرتي ڪيو ويو توهان ان تبديلي جي علامت آهيو توهان به جلد کان جلد تبديل ٿي ويندئو. عمران خان نيازي نئين پاڪستان جو نعرو هنيو پر هڪ سال ۾ هو پاڻ پراڻو ٿي چڪو آهي هاڻ سندس جي وزرات عظميٰ جي نئين گهر واري وٺڻ جي تياري آهي، عمران خان آءُ توهان کي صرف عمران چونديس آءُ خان نه چونديس ڇاڪاڻ خان ظالم ٿيڻ سان گڏ بهادر به هوندا آهن توهان بزدل آهيو، توهان عوام سان انتهائي خراب مذاق ڪيو آهي توهان انصاف جي نالي تي ناانصافي جي بازار کي گرم ڪري ڇڏيو آهي توهان نااهل ۽ نالائق آهيو، جنهن عوام جي دولت کي لٽيو جيڪي جيلن ۾ اي سيون گهرن پيا جن سان نيب پلي بارگين ڪري رهي آهي جيڪا انتهائي خراب مذاق آهي, غنويٰ ڀٽو بلاول ڀٽو زرداريءَ سان مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول بينظير زرداري گذريل سال ورسي تي مون توهان کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته هاڻي توهان وڏا ٿيا آهيو هاڻي توهان کي پنهنجي ڪرپٽ والد جي قيد مان آزاد ٿيڻ گهرجي، منهنجي ان مشوري تي بلاول هائوس جي ملازم جميل سومرو نه صرف مون مٿان تنقيد ڪئي پر منهنجي ڌيءُ فاطمه تي به الزام هنيا ۽ توهان ان کي پي ايس 11 جي ٽڪيٽ ڏئي هڏو اڇلائي ڇڏيو آهي پڇڻو صرف اِهو هو ته ڇا هي ٽڪيٽ ان بدتميزي جي انعام ۾ کيس مليو آهي؟ اسان جي دل 23 سالن کان انتظار ۾ آهي اسان 23 سالن کان اقتدار جو انتظار ناهي ڪيو پر انصاف جو انتظار ڪيو آهي، اسان کي ڪنهن مشڪل، پيچيده ۽ الجهيل ڪيس جي لاءِ انصاف ناهي مليو، اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي انقلابي ۽ اصول پرست پٽ جي لاءِ انصاف گهريو آهي جيڪو سنڌ اسيمبلي جو چونڊيل ميمبر هو جنهن کي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ پنهنجي ئي گهر جي سامهون قتل ڪيو ويو. هن چيو ته پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته شهيد مير مرتضيٰ جو قتل حادثاتي قتل نه پر پوري رٿابندي سان ڪيل قتل هو ان قتل جي پوري ڪهاڻي ڪربلا جي ڪهاڻي وانگر آهي مشعل خان جي قتل کي پنج سال گذري ويا، ڇا مشعل خان سان انصاف ٿيو؟ توهان پهريان شهيد ڀٽو کي شهيد ڪيو ۽ اسان انصاف گهريو پر انصاف ڏيڻ بجاءِ اوهان ٻئي ڀٽي کي شهيد ڪيو پر پوءِ به اسان انصاف گهريو، انصاف ڪرڻ بجاءِ توهان ٽئين ڀٽي کي شهيد ڪيو ۽ اسان انصاف گهريو پر پوءِ چوٿين ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو، پاڪستان جا حڪمرانو اوهان ۾ شرم نالي ڪا شيءَ آهي؟ انصاف نه ڏئي اوهان ڇا پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟ ڇا اوهان چاهيو ٿا ته انصاف مان مايوس ٿي انتقام وٺون؟ هن چيو ته هن اسٽيج تان اڄ آءُ اعلان ٿي ڪريان ته ايندڙ سڄي سال دوران اسان شهيد مرتضيٰ جي لاءِ انصاف گهرندا رهنداسين ملڪ جي هر شهر ۾، هر مهيني مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي قاتلن کي سرعام سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج به ڪنداسين جيسيتائين خاموش نه ويهنداسين تيسيتائين اسان کي شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ٿو ملي. ڪشميري 70 سالن کان مسلسل مزاحمت ڪري رهيا آهن، هزارين ڪشميري شهيد ٿيا پر ڪشمير پنهنجي تحريڪ کي ختم ناهي ڪيو، 70 سالن گهڻا ٿيندا آهن اهي 70 سال ظلم ۽ بربريت مان ڀريل آهن، ڪيترائي ڪشميري ٽارچر جي ڪري شهيد ٿيا؟ هن چيو ته مسلمان حڪمرانن ڪشميرين جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ ڀارت جو ساٿ ڏنو، هندو هٽلر مودي جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو جنهن ۾ شرپسند  پوري شهر کي يرغمال بڻايو پر سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سنڌ جي پنهنجي تاريخي مزاج آهي سنڌ ۾ ڪنهن مندر کي باهه ڏيڻ شرمناڪ عمل آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي جي موقعي تي جلسي عام ۾ قراردادون پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سميت عوامي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ عوامي هيروزن جي قتل ۾ ملوث ظاهر ۽ ڳجهن ڪردارن کي سزا ڏني وڃي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي مسئلي کي ڪشميري عوام جي مرضي جي روشني ۾ حل ڪيو وڃي. موجوده بي اختيار بلدياتي نظام کي مذاق تصور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سمورا اختيار مرڪز کان صوبن ۽ صوبن کان ضلعن، تعلقن ۽ يونين ڪائونسلن تائين منتقل ڪرڻ ۾ ملڪ جي ڪرپٽ سياستدان ۽ افسر شاهي خاص رڪاوٽ بڻيل آهي جن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي سمورا انتظامي، مالي ۽ عدالتي اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن. ڊاڪٽر نمرتا قتل ڪيس جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري سنڌ جي نياڻين سان انصاف ڪيو وڃي. ٿر جي غربت ۽ بک تي سياست چمڪائڻ بدران سموري ٿر جي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان وٺي کين حل ڪيو وڃي. ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن جي عذاب مان عوام کي نجات ڏياري وڃي. لاڙڪاڻي ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ سبب ننڍا ٻارڙا ويڪسين نه ملڻ جي ڪري تڙپي تڙپي مرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته پوري سنڌ جي اسپتالن ۾ ڇتي ڪتي ۽ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين فراهم ڪئي وڃي.

زرداري جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ بلاول ڪم پيو ڪري : اعجاز منگي

نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي جي موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي ليڊيز ونگ جي صوبائيصدر آپا فيروز لاشاري چيو آهي ته اڄ ان شهيد جي ورسي آهي جنهن کان هتان جا رهزن ڊڄندا هئا، زرداري مافيا شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کان ڊنل هئي. ڀٽي خاندان ڪڏهن به قرباني کان ناهي ڪيٻايو، پاڪستان ۾ ٿاڻا تمام سٺا ٺاهيا وڃن ٿا پر اسڪولن جي حالت تمام خراب آهي اڄ جي دور ۾ اسڪولن مان نياڻين جا لاش ملي رهيا آهن. فضيلا سرڪي 9 ورهين کان سنڌ جي رهزن وڏيرن وٽ قيد آهي، پوليس کي گهرجي ته وڏيرن ڏانهن ميڙ کڻي وڄي ان کي آزاد ڪرائن جيئن ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ فنڪار کي آزاد ڪرايو هيو.

سليم شاهه خطاب ڪندي چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ غنويٰ ڀٽو اڪيلي سر وڙهندي رهي ۽ وڏي صبر جو مظاهرو ڪيو. اڄ اسان جو فرض آهي ته اڄ اسين به غنويٰ ڀٽو جو ساٿ ڏيون. جاويد اقبال معظم چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان جي غريب عوام کي وڏيرڪي نظام مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڀرپور جوجهد ڪئي اوترو ئي فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ پر عزم  هيو. ڪجهه ماڻهون اقتدار جي لالچ ۾ زنده هوندا آهن ۽ اقتدار لاءِ ئي مري ويندا آهن. اعجاز منگي چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو بهترين شخصيت، سهڻو، دلير ۽ محبت ڪندڙ شخص هيو جنهن تي ڳالهائڻ سان دل روئي پوندي آهي. شهيد ڀٽو هڪ پارٽي جو نالو نه پر هڪ گهر آهي جنهن جا اسين سڀ ڀاتي آهيون. آصف زرداري جي ڪيل ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي. زرداري ليگ جا ڪرپٽ ماڻهون بلاول جي چوڌاري ويٺل آهن. جن هو تحفظ ڪري رهيو آهي. اسان جي سنڌ جي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ڪتي جي چڪ واري انجيڪشن به نه ٿي ملي، مولابخش مولي چيو ته ظالم سردار ۽ ظالم سرڪار غريبن تي ظلم نه ڪريو، شهيد ڀٽو غريب ماڻهن لاءِ وڏن ماڻهن سان ٽڪر کاڌو هيو ۽ سپر پاور طاقت آمريڪا سان به غريبن لاءِ وڙهيو هو. اسان ڪنهن جي به چوڻ ۾نه آيا آهيون.ان موقعي تي تاج محمد ڊومڪي، چوڌري منير، رباب خاتون ۽ ٻين خطاب ڪيو.

مير جي ورسي واري جلسي ۾ ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهي پيا، اڳواڻن جهيڙو ٽاريو

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي جي موقعي تي ڪارڪن پاڻ ۾ هٿئين پئجي ويا جن هڪٻئي کي مُڪون ۽ ٺونشا هڻي الرون ڪندا رهيا جن کي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڇڏائي ورتو، جنهن دوران ڪيترائي ڪارڪن گڏ ٿي ويا.

شهيد مرتضيٰ جي ورسي، ڳڙهي خدا بخش ۽ ڀٽو هائوس تي ڌار ڌار قرآن خوانيون

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 23 هين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڌار ڌار قرآن خواني ڪري لنگر ورهايو ويو. بعد ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪري گلن جون چادرون چاڙهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.