محرم الحرام تي سخت سيڪيورٽي انتظام، ڊبل سواري ۽ موبائل فون سروس بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ آرمي طرفان محرم الحرام جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

9 محرم الحرام تي موٽرسائيل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو آهي ۽ جلوس جي روٽس تي موبائيل فون سروس به معطل آهي، عبادت گاهن، مجلسن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرسان سنيپ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي مانيٽرنگ به ڪئي پئي وڃي.

سڀني حساس علائقن ۽ رستن کي ڪنٽينر ۽ ڪنڊيدار تارون لڳائي سيل ڪيو ويو آهي جڏهن ملڪ جون سڀئي آفيسون، دڪان ۽ بازارون مڪمل طور تي بند آهن.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ڪراچي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام تي موبائل فون سروس بند رکڻ جي تجويز

هيلي ڪاپٽرز جي مدد سان جلوس وارن علائقن ۾ هوائي نگراني  ڪئي پئي وڃي جڏهن ته موبائل پيٽرولنگ گشت به ڪيا پيا وڃن. جلوس وارن رستن جي بلند عمارتن جي ڇتن تي سيڪيورٽي اهلڪار ۽ سنائيپرز مقرر ڪيا ويا آهن.

 

You might also like