ماڊل ۽ اداڪارا صوفيا مرزا تي به مني لانڊرنگ جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا صوفيا مرزا خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

گذريل ڏينهن کان  سوشل ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته صوفيا مرزا خلاف ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر اداڪارا اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي.

سوشل ميڊيا تي خبرون سامهون اچڻ بعد اداڪارا ٽوئيٽر تي پنهنجي ٻن ويڊيوز ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪا به جاچ ناهي هلي رهي ۽ هن خلاف ڪوڙي پروپيگينڊا تحت خبرون هلايون پيون وڃن.

صوفيا مرزا ويڊيوز ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته هن خلاف هن جي اڳوڻي مڙس عمر فاروق ظهور جي چوڻ تي ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن جيڪو سندس ٻن پٽن جي اغوا ۾ ملوث آهي.

اداڪارا ۽ ماڊل جو چوڻ هو ته کيس يقين آهي ته هن جي اڳوڻي مڙس ئي پروپيگينڊا تحت ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيو آهي ۽ گڏ ئي ماڊل اهڙيون خبرون پکيڙيندڙ سوشل ميڊيا پيجز ۽ واهپيدارن خلاف ايف آءِ اي جي سائيبر ونگ ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي.

اداڪارا دعويٰ ڪئي ته هن جي اڳوڻو مڙس نه رڳو سندس پٽن جي اغوا ۾ ملوث آهي پر هو پاڪستان سوڌو يورپي ملڪ ناروي ۾ به پوليس ۽ جاچ ادارن کي گھربل آهي.

اداڪارا ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هن خلاف ڪوڙيون خبرون نه پکيڙيون وڃن.

پر هاڻ ايف آءِ اي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اداڪارا خلاف جاچ شروع ڪري وئي آهي.

ايف آءِ اي ٻڌايو ته صوفيا مرزا خلاف قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان ڪيس منتقل ڪرڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ايف آءِ اي ڪيس جا وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته صوفيا مرزا خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته صوفيا مرزا کان اڳ ماڊل ايان علي تي به مني لانڊرنگ جو ڪيس هلايو ويو هو ۽ ان ڪيس ملڪي سياست ۾ واويلا به مچائي ڇڏي هئي.