مانجهند ۾ گئس ڪمپني انتظاميه مطالبا مڃي ورتا، 36 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم

سن/مانجهند/ڄامشورو (رپورٽرز) مانجهند تعلقي واسين جو گئس ڪمپني خلاف 36 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻو ڪامياب، ڳالهين بعد ختم ڪيو ويو. جدوجهد ڪميٽي جي ڪنوينر خدا بخش ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گئس ڪمپني جي مين گيٽ آڏو شاميانو هڻي ڌرڻو هنيو، جيڪو 36 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، جسقم اڳواڻ گلشير کوسو، جي يو آءِ جي سڌير رند، شهيد ڀٽو جي سليمان ڀلائي سميت ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. گئس انتظاميا رينجرز ۽ پوليس پڻ طلب ڪئي، جنهن سبب ڪمپني جو ڪار وهنوار بند ٿي ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خدا بخش ٿيٻو، گلشير کوسي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ 36 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، انتظاميا مانجهند جي ڏيڍ لک آبادي کي نظرانداز ڪيو. ڪميونٽي سوشل فنڊ علائقي جي ترقي تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. روشن ٻرڙو چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، پر حڪمرانن عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. ڪمپني مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. ايتري تائين جو گئس جي سهولت ناهي ڏني. هوڏانهن ڄامشوري جي ڊي سي ڪيپٽن (ر) فريد الدين، مصطفيٰ جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي سئي گئس ڪمپني انتظاميا سان ڳالهيون ڪرايون، جنهن ۾ ايس پي امجد شيخ، رينجرز جي ڊي ايس آر خالد، جاويد علي شيخ، علي عباس جوڻيجو، روشن علي ٻرڙو، خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. لکت ۾ مطالبا مڃڻ جي خاطري کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻيهر ڌرڻو هڻنداسين.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.