ماحواتي گدلاڻ سبب ڪينسر جو شڪار ڀارتي عورت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ 28 ورهين جي هڪ عورت ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي تشخيص ٿي آهي جيڪا نان سموڪر آهي، ڊاڪٽرن چيو آهي ته عورت ماحولياتي گدلاڻ سبب ڪينسر جو شڪار ٿي آهي.

دهلي جي گنگا رام اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته 28 ورهين جي عورت کي ڪينسر آخري اسٽيج ۾ داخل چڪي آهي، عورت  نان سموڪر آهي ۽ شهر جي ماحولياتي گدلاڻ کيس ڪينسر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽرن موجب هنن ان نوعيت جو اهو پهريون ڪيس ناهي ڏٺو، ان کان اڳ به هو ڪينسر جي ڪيترن ئي اهڙن مريضن جو علاج ڪري چڪا آهن جيڪي ماحولياتي گلاڻ سبب ان موذي مرض ۾ مبتلا ٿيا .

ھي به ڏسي سگھو ٿا: بيضو بي اولاديءَ لاءِ فائديمند

هنن موجب اهي مريض سگريٽ نوشي نه ڪندا هئا ۽ هنن جي عمر 30 ورهين کان وڌيڪ هوندي هئي پر هو 30 ورهين کان گھٽ عمر وارن اهو پهريون  ڪيس ڏسي رهيا  آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڦڦڙن جي ڪينسر جو بنيادي سبب سگريٽ ڇڪڻ آهي، ان ڪينسر جو شڪار 90 سيڪڙو ماڻهو  انهيءَ ڪري ان موذي مرض جو شڪار ٿيندا آهن.

سموڪنگ ڪندڙ ماڻهن کان سواءِ سگريٽ جي دونهينڪ، تابڪار شعاعن ۽ مختلف ڪيميڪلز ۾ رهندڙ مانهو به ان ڪينسر جي خطري جي وڪڙ ۾ هوندا آهن جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ به ان فهرست ۾ شامل ٿي چڪي آهي.

You might also like