لکي ۾ چڪ ٿاڻي ڀرسان نينگر جو کَڏ مان تشدد ٿيل لاش هٿ

 

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه ۾ چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ 13 ورهين جي نينگر جو کڏ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.

ڳوٺاڻن نينگر جو مڙهه ڏسي چڪ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پهچي نينگر جو مڙهه لکي غلام شاھه اسپتال پهچايو .

هي به پڙهي سگهو ٿا: گوجرانوالا جي نجي اسپتال مان نرس جو لاش هٿ

نينگر جي سڃاڻپ الله ڏنو پٽ محمد مقيم مهر طور ٿي ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خليل احمد جو چوڻ هو نينگر تي مٿي تي تشدد جا نشان واضح آهن.

نينگر جي پيءُ محمد مقيم مهر چيو ته مان ريڙھي هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان، ڪنهن سان به دشمني ناهي، مون سان ظلم ٿيو آھي، واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

فوتي نينگر جي مامي الزام هڻندي چيو ته الله ڏني کي پاڙي وارن تشدد ڪري ٻوڙيو آهي، جنهن جو 6 ڪلاڪ گذرڻ بعد لاش هٿ ڪيو ويو.

چڪ ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن جنهن به خلاف شڪ ظاهر ڪيو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like