لاپرواهي ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي

اعجاز چانڊيو

چوڻي آهي ته ڊاڪٽر مسيحا واري حيثيت رکي ٿو، جيڪو تڪليف ۽ مرض ۾ مبتلا انسانن جي پنهنجي مهارت ذريعي تڪليف دور ڪري ٿو، هن ٽيڪنالاجي جي اڀار واري دور ۾ سڄي دنيا ۾ ميڊيڪل واري شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، ساهه وجهڻ کان سواءِ هر لحاظ کان ميڊيڪل ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي، ڪوما ۾ ويل انسان جو سٺو علاج ڪري ان کي هوش ۾ آڻي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي ٿو، هڪ جسم جا ٽڪرا ڪٽي ٻئي انسان جي جسم ۾ لڳايا وڃن ٿا، حيرت انگيز آپريشن ڪري انسان ذات کي بچائڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن ٿا.

پر مون کي اها خبر ڏسي ته “هڪ ماهر سڏجندڙ ڄامشورو اسپتال جي ڊاڪٽر، ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پيرسن عورت جو آپريشن ڪيو، جنهن جي تڪليف ته دور نه ٿي، پر ڊاڪٽر ان جي پيٽ ۾ قينچي رهائي ڇڏي” ان آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آهي، ڇو ته سندس اهڙي لاپرواهي جي نتيجي ۾ پيرسن عورت جنهن جا وارث کيس بچائڻ لاءِ پئي اسپتالن جي درد درد ڊوڙندا رهيا، ڊاڪٽر جي لاپرواهي جي نتيجي ۾ اها پنهنجي زندگي وڃائي ويٺي.

عوامي آواز ۾ خبر لڳل هئي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو سان سلهاڙيل سول اسپتال ڄامشورو جي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب 65 ورهين جي عورت مريم فوت ٿي وئي، لمس ڄامشور اسپتال جي وارڊ  نمبر 12 ۾ مريم جي آپريشن دوران سندس پيٽ ۾ قينچي رهجي وئي هئي، مريضه ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هئي، جنهن جو 28 آگسٽ 2019 تي آپريشن ڪيو ويو هو، مريضه کي تڪليف وڌي وڃڻ کانپو سندس وارث لمس ڄامشورو کڻائي پهتا، جتي ايڪسري ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته عورت جي پيٽ ۾ قينچي رهيل آهي، جنهن ڪري ڊاڪٽرن اهڙي خبر کي ميڊيا تائين پهچڻ کان لڪائڻ لاءِ کيس ٻيهر ساڳئي وارڊ ۾ داخل ڪيو، پيرسن عورت کي آپريشن جي لاءِ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو، جتي رهجي ويل قينچي ڪڍڻ لاءِ عورت جو آپريشن ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي، آپريشن ٿيٽر ۾ سندس حالت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري ان کي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ پهچايو ويو، پر عورت بچي نه سگهي، ڪينسر جي مرض سان جهيڙيندڙ عورت مريم جو تعلق عمرڪوٽ سان ٻڌايو پيو وڃي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: خيرپور سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال ڪوس گھر بڻيل

جيڪا ٻڍڙي عورت پنهنجي تڪليف دور ڪرائڻ لاءِ اسپتال پهتي زخمن جا سور سٺا ڊاڪٽرن جي هڪڙي لاپرواهي جي نتيجي ۾ هوءَ پنهنجي زندگي وڃائي ويٺي، اهڙي لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۽ اسپتال انتظاميا پيرسن عورت کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ وري به ان لاپرواهي ڊاڪٽر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، ان سلسلي ۾ سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ڊاڪٽر مبين احمد ميمڻ وري هينئن موقف ڏنو ته کيس عورت جي پيٽ ۾ قينچي رهجي وڃڻ جي حوالي سان ڪا تصديق ٿيل خبر ته نه آهي، پر اسپتال جي عملي کيس اهڙي ڳالهه ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ هن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکارام کي خط لکي ان معاملي جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي، عورت ڪينسر جي مرض جي آخري اسٽيج تي پهتل هئي، اسپتال جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن عبدالستار جتوئي وري چيو ته عورت جو موت پيٽ ۾ قينچي رهجي وڃڻ سبب نه پر ڪينسر جو مرض وڌي وڃڻ جي ڪري ٿيو، هن جو معدو ڪينسر ختم ڪري ڇڏيو هو، قينچي تيستائين نقصانڪار نه هئي، جيستائين هن جي مٿان پيٽ جو گوشت نه چڙهي ها، ڊاڪٽرن کي خبر پئي ته عورت جي پيٽ ۾ قينچي رهجي وئي آهي، تنهن کانپوءِ هنن ٻيهر آپريشن ڪري قينچي ڪڍي ڇڏي هئي. ان حوالي سان اي ايم ايس لمس ڄامشورو ڊاڪٽر نياز ٻٻر پئي چيو ته عورت جي پيٽ ۾ قينچي رهڻ وارو واقعو آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر اسان کان به لڪايو هو، ميڊيا تي خبر اچڻ بعد کيس خبر پئي آهي.

مون کي ته لڳي ٿو ته عورتن جي آپريشن دوران ڊاڪٽر تمام گهڻي غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪن ٿا، ڇو ته هي واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي، ڪجهه سال اڳ سول اسپتال حيدرآباد ۾ ٻارڙي جي پيدائش لاءِ ڊاڪٽرن هڪ عورت جو آپريشن ڪيو هو، ان جي پيٽ ۾ به قينچي رهجي وئي هئي، آپريشن کان پوءِ عورت گهر رواني ٿي وئي، ڪجهه مهينن کان پوءِ کيس پيٽ ۾ شديد سور پيو، عورت کي اسپتال آڻي ان جو ايڪسري ڪرايو ويو ته سندس پيٽ ۾ قينچي هجڻ جي تصديق ٿي، ان عورت کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪري سندس آپريشن ڪيو ويو، اها عورت به مهينن تائين تڙپندي رهي ۽ آخرڪار اها به فوت ٿي وئي، منهنجي خيال ۾ جيڪي ڊاڪٽر آپريشن ڪن ٿا، انهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ سرجنن کي پابند بنايو وڃي ته هو آپريشن دوران مريض ڏانهن خاص ڌيان ڏين ۽ جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر ڪا غفلت ڪري ٿو ته ان کي اهڙي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن آپريشن ڪندڙ ٻيهر اهڙي غفلت ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ اهڙو ٻيو ڪو واقعو پيش نه اچي، جنهن سان انساني زندگي ضايع ٿي وڃي.

You might also like