قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جي ڳولا لاءِ 5 رڪني پئنل قائم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي ڪوچن جي ڳولا لاءِ 5 رڪني پئنل جوڙي ڇڏيو.

پي سي بي جي پئنل ۾ انتخاب عالم، بازيد خان، گورننگ بورڊ ميبامبر اسد خان، سي اي او پي سي بي وسيم خان ۽ ڊائريڪٽر ذاڪر خان شامل آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پي سي بي ڊوميسٽڪ ٽيمن جي چونڊ لاءِ پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو

پئنل ٽيم مئنجيمنٽ لاءِ درخواست گذارن جا انٽرويو ڪندو، جڏهن ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ لاءِ اميدوارن جا انٽرويو سڀاڻي ٿيندا.

هيڊ ڪوچ جو نالو فائنل ٿيڻ کانپوءِ بيٽنگ ۽ اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچن لاءِ انٽرويو ڏيندا، پئنل سفارشون تيار ڪري پي سي بي چيئرمين احسان ماني کي موڪليندو.

You might also like