قومي وحدتن سان هٿ چراند بند ٿيڻ گهرجي

امتياز چانڊيو

دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي ته جڏهن به ڪنهن جي قومي وحدت سان هٿ چرندا ٿي آهي ۽ ڪنهن به قوم جي ڌرتي تي ڪو وار ٿيو آهي ته اتان جي قومن پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ کان ڪيٻايو ناهي، اها جاني قرباني هجي يا مالي پر ڌرتي جي حلالي پٽن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، ڌرتي جي پاڻ مالڪي ڪئي آهي ۽ سمورا اختيار پاڻ وٽ رکيا آهن، ڀلي انهن کي ڪوڙا هنيا ويا هجن، جيلن ۾ قيد ڪيو ويو هجي، بکون ۽ اڃون ڏنيون ويون هجن، پر انهن ڌرتي، وطن جي مالڪي ۽ آجپي واري نعريٰ تان هٿ ناهي کنيو، ان جو مثال ڪشمير ۽ فلسطين جي ماڻهن جي وطن لاءِ ڪيل جدوجهد مان به ملي ٿو، ڪيترائي سال اتان جي محب وطن ماڻهن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ کي برداشت ڪيو آهي، سر ڪٽائي ڇڏيا آهن، پر ڌرتي ۽ وطن جي ويرين آڏو ڪنڌ ناهي جهڪايو ۽ ساهه جي آخري گهڙي تائين وطن جي آجپي ۽ مالڪي لاءِ ويڙهه جاري رکڻ جو وچن ڪندا رهيا آهن، توڙي جو ڪمزور هجڻ جي باوجود به سندن حوصلا هماليه جبل جيڏا وڏا ۽ مضبوط آهن.

اهڙي طرح ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هندستان مان ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آباد ٿيا، سنڌين کين پنهنجو ڀاءُ، لاچار ۽ تڪليف جو سٽيل سمجهي مٿن رحم کاڌو ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي جي خاص اهميت رکندڙ ٽڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ لاءِ کين ٺهيل جڳهون توڙي خالي پلاٽ ڏنا، جتي کين آباد ڪري عزت ڀري زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو ويو، آهستي آهستي ڪراچي ۽ حيدرآباد واپار جا مک مرڪز بڻجي ويا ۽ پاڻ کي ٽن چئن پيڙهين گذارڻ جي باوجود اڄ به مهاجر سڏائيندڙ ماڻهن کي روزگار جا سٺا موقعا مليا ۽ اڄ هو انهن اصل ڌرتي ڌڻين جيڪي ڪاڇي ۽ ٿر ۾ بنا ڪنهن بنيادي سهولتن جي انتهائي غربت، بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کان سئو ڀيرا سٺي زندگي گذاري رهيا آهن، يعني مهمان ٿي آيل اهي مهاجر اڄ خوشحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ جيڪي ميزبان هئا، اهي ڪنگال ٿي بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. شهرن ۾ رهي وڏا واپاري بڻجي ويا، وڏا بلڊر، وڏا سياستدان، وڏا دولتمند ٿي عاليشان بنگلن ۽ وڏين گاڏين جا مالڪ بڻيل آهن، مون کي حيرانگي آهي ته 3 ڏهاڪن کان وٺي انهن مهمان جي اها دانهن رهي آهي ته هو هتي ڏکيا آهن، کين هتي ڪو به حق نٿو ڏنو وڃي. پرويز مشرف کان ويندي عمران خان جي حڪومت تائين سندن ساڳي “ڪين” واري رڙ ختم ئي نٿي ٿئي.

وقتن بوقتن پاڻ کي مهاجر سڏائيندڙ خلوق جي اڳواڻن سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين سان وير رکندڙ حڪمرانن سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ايم ڪيو ايم ذريعي الطاف حسين جي سنڌ ۾ مداخلت هئي ۽ پرويز مشرف جو ملڪ تي قبضو هو، تڏهن ته آڌا تمهارا آڌا همارا وارا نعريٰ پئي لڳا ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جا نقشا به ٺهي ويا هئا، جيڪي الطاف حسين ٽي وي تي پيو ڏيکاريندو هو. بهرحال سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين اهڙين سازشن کي هر دور ۾ ناڪام بنايو آهي ۽ جدوجهد جاري رکي آهي. الطاف حسين ته ويو، پر سندس باقيات اڄ به سنڌ جي وحدت جي ويري بڻجي اڄ به سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ جهڙيون سازشون ڪري رهي آهي.

تازو پي ٽي آءِ جي حڪومت جي قانون واري وزير سنڌ تي وار ڪرڻ واريون تجويز پيش ڪيون آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ سنڌين کي ان ڪري سوڙهو ڪري ٿي ته سنڌ جي ماڻهن پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي ۽ پ پ جي حڪومت وفاق جي سنڌ مخالف ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اهڙين تجويزن کي سياسي طور تي پ پ سان دشمني سمجهون يا ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ وارو عمل سمجهون، بهرحال پي ٽي آءِ جو اهڙو ڪو به خواب پورو نه ٿيندو، جيڪو قانون وارو وفاقي وزير آرٽيڪل 149 کي ختم ڪري ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪري ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ وارو ڏسي ٿو يا پ پ کي سياسي طور تي سزا ڏيڻ چاهي ٿو، ڇو ته جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته قومون پنهنجي وحدت تي وار برداشت ناهن ڪري سگهنديون ۽ اهي جاني ۽ مالي نقصانن کڻڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن، پر پنهنجي وحدت تي سوديبازي ناهن ڪنديون.

پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان پنهنجن تقريرن ۾ پ پ جي حڪمراني مٿان سدائين تنقيد ڪندي سنڌ کي پٺتي پيل صوبو قرار ڏيندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ هو هن وقت وزيراعظم آهي، تنهن ڪري سڄي ملڪ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ سندس فرضن ۾ شامل آهي، پر شايد هو پاڻ کي سنڌ جو وزيراعظم نٿو سمجهي ڇو ته سڄي سنڌ جو سور سمجهڻ بجاءِ مون کي ته حيرانگي آهي ته سندس وزيرن ۽ مشيرن کي رڳو ڪراچي جو ڏک ڇو محسوس ٿيو آهي، ڇا باقي سنڌ خوشحال ٿي وئي جو کيس ڪاڇي، ٿر ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جو ڪو الڪو ئي ناهي، جو هو هاڻي ڪراچي کي انتظامي طور تي وفاق حوالي ڪري ڪراچي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو، هرگز نه پي ٽي آءِ کي ڪراچي جي خوشحالي يا ترقي جو ڪو خيال ناهي، پر هو اهڙو فيصلو ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ بدنيتي جي بنياد تي ڪرڻ چاهين ٿا، هو رڳو پ پ کي سزا ڏيڻ چاهين ٿا، پر کين ان جو اندازو هجڻ گهرجي ته پ پ کي سنڌ جي ماڻهن وڏي اڪثريت سان آڻي صوبي تي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وحدت تي وار برداشت نه ڪندا.

منهنجي ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ جي هڪ همدرد سان ڪچهري پئي ٿي، سندس چوڻ هو ته عمران خان هر صورت ۾ سنڌ تي پي ٽي آءِ جي حڪمراني ڏسڻ چاهي ٿو، ان لاءِ هو هر حربو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ ڀلي کيس جي ڊي اي کان ويندي پ پ جي ڀاڳوڙن ۽ مسلم ليگ جي ڇٽل ڪارتوسن مثل ماڻهن جو سهارو وٺڻي پوي يا سنڌ جي وحدت جي دشمن پارٽين کي گڏ ڪرڻو پوي. مون کي به ان دوست جي اها ڳالهه اڄ ثابت ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جن کي عمران خان ملڪ جو غدار چوندو هو، تن جو کيس سهارو وٺڻو پئجي رهيو آهي ۽ هو اڄ ڪراچي کي انهن ئي ماڻهن جي چوڻ تي سنڌ صوبي کان کسي وفاق جي حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، پر شايد کيس اهو اندازو ئي ناهي ته اهڙي فيصلي ڪرڻ دوران سندس پارٽي کي ڪيتري حد تائين سنڌ جي ماڻهن جي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو، ان ڳالهه جو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز دوران ئي کيس اندازو ٿي ويو هوندو، ڇو ته سنڌ ۾ سندس ئي پارٽي جي ويٺل ماڻهن ان تجويز جي مخالفت ڪئي آهي ۽ فهميده مرزا ڪراچي ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان ئي صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ممتاز ڀٽو ۽ ارباب رحيم به ان تجويز جي مخالفت ڪري چڪا آهن، پي ٽي آءِ جي اهڙي سوچ لساني بنياد تي نفرت پکيڙندڙ آهي، جيڪا وڏو نقصان ڏئي سگهي ٿي.

مون سوچيو پئي ته ڪيترن ئي آمر حڪمرانن، جيڪي ملڪ کي هڪ اشاري تي هلائيندا هئا، پاڻ کي طاقتور حڪمران سڏرائيندا هئا، ماضيءَ ۾ انهن وڏيون ڪوششون ڪيون ته اهي ڪالاباغ ڊيم ٺاهين، جنهن لاءِ هنن ننهن چوٽي جو زور لڳايو، پر سنڌين جي مرضيءَ کان سواءِ هڪ ڊيم نه ٺهي سگهيو ته ڇا سنڌ جي ڌرتي سان ڪير ڇيڙڇاڙ ڪندو ۽ ان ۾ سنڌي ماڻهو کيس ڪامياب ٿيڻ ڏيندا.؟ مون کي ته هڪ دوست جون اهي لکيل لائينون به ياد پيون اچن، جنهن ۾ هن چيو ته ڪراچي سورج آهي ۽ سنڌي ماڻهو سورج مکي آهن، سنڌي ماڻهن جو منهن هر وقت ڪراچي ڏانهن آهن، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها اهڙو ڪو به ڪم نه ڪري جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جي جذبن کي ٺيس پهچي، مرڪز جا ڪيترائي ڪم اڌورا پيل آهن، ملڪ اندر انتشار پيدا ڪرڻ کان سٺو آهي ته هن وقت وڌندڙ مهانگائي ڪري جيڪو غربت ۽ مايوسي جو ديو قوم کي ڳڙڪائي رهيو آهي، ان کي قابو ۾ آندو وڃي، حڪومت پنهنجا رهيل ڪم مڪمل ڪري ڪنهن جي وحدتن سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي ڇو ته اهڙي حرڪت ڪرڻ جا تمام گهڻا خراب اثر ٿي سگهن ٿا، جنهن کي منهن ڏيڻ مرڪزي حڪومت لاءِ مشڪل بڻجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.