قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ڪراچي ڪميٽي کي رد ڪندي چيو آهي ته  جيڪڏهن سڀني وڏن شهرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر صوبي ۾ ڪميٽيز جوڙيون وڃن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڪميٽي به ٺهي سگھي ٿي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا مسئلا ڪرڻ لاءِ حقيقي خواهش آهي ته وفاق طرفان ٺاهيل ان ڪراچي ڪميٽي ۾ سنڌي، اردو، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن جي سنڌ جي 2017ع واري ڪل آبادي جي لحاظ کان نمائندگي هجي ها.

اياز لطيف پيلجي چيو ته  جيڪڏهن ان ۾ به ڏکيائي هئي ته ان  ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ، جي ڊي اي، ايس يو پي، ايم ڪيو ايم، جي يو پي، مجلس وحدت مسلمين، ايس ٽي پي ۽ سول نمائيندن کي به نمائندگي ڏني وڃي ها ۽ اقليتن کي به شامل ڪيو وڃي ها.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: يوم عاشور اسان کي قرباني جو درس ڏئي ٿو: گورنر سنڌ

هن چيو ته رڳو ٻن پارٽيز جي هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ  ميمبرس جي شموليت سان اها ڪميٽي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي تڪراري بڻجي چڪي آهي ۽ ان عمل سان فرق، تعصب، نسل پرستي ۽ لسانيت جو تاثر ملي رهيو آهي.

الياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ ان ڪميٽي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي.

 

 

You might also like