قنديل بلوچ جو موت تمام عورتن جي حقن جو آواز

قنديل بلوچ جو موت تمام عورتن جي حقن جو، آواز اٿارڻ لاءِ ڪيس بڻجي ويو ھن جي زندگي ۾ آيل تمام مردن سندس آواز دٻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي جنهن، جو مقصد کيس با اختيار هجڻ کان روڪڻ هو.سندس  سان ٿيندڙ واقعي اهو ثابت ڪري ڇڏيو.عورتن جي با اختياري مردن کي غير محفوظ محسوس ڪرائي پئي.

21 اگست تي هن جي والدين پنهنجي پٽ، قنديل بلوچ جي قاتل کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ان ڳالهه تمام ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن جي ڀاءُ وسيم عزيم کيس گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.اهو  اعتراف هن ميڊيا جي سامهون ڪيو جنهن ۾ چيائين ته پنهنجي آبائي گهر ۾ ڀيڻ جو قتل ڪيو ڇو جو هوءَ سندن گهر جي عزت کي ميڊيا سامهون نيلام پئي ڪري.ان جي اعتراف جو رڪارڊ هجڻ  سميت ڪيترين ماڻهن جي گواهيءَ کي نظر انداز ڪري کيس ڪا به سزا نه ڏني وئي.

هاڻي ان ڪيس کي 3 سال گزري ويا آهن.شروع ۾ قنديل جا والدين چون پيا ته قاتلن کي معاف نه ڪنداسين کين سخت سزا ڏني وڃي پر هاڻي زريعن موجب خبر پکيڙجي وئي آهي ته قنديل جي والدين پنهنجي پٽن  يعني قنديل جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي.اسان جي قانون ۾ آهي ته ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪندڙن کي يا ته ست سال قيدجي سزا ڏني ويندي يا وري وڏن ڪيسن ۾ موت جي سزا ڏني ويندي آهي.ڪارو ڪري ڪرڻ واري قانون ۾ اها ترميم آئي ته مظلوم جا مائٽ جيئن معاف به ڪن تڏهن به اهو فيصلو  ڪورٽ کي ڏنو ويندو ته اڳتي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي يا  قاتلن کي معاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: فردوس جمال ۽ ماهرا خان جو معاملو

سوشل ميڊيا تي ڪابه خبر اچڻ کان پوءِ وائرل ٿيندي آهي ۽ ماڻهو ان خبر تي پنهنجي موقف ڏئي رائي عامه جو اظهار ڪندا آهن ته جيئن بااختيار ڪارڪنن کي فيصلو ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.ڪيترائي سوشل ايڪٽيوسٽ ان معاملي تي لکندا به آهن.هيٺ ڏنل ڪجهه ماڻهن جي رائي سان ڪيس بابت ڄاڻ ۾ مدد پڻ ملندي

ان کان پوءِ ٻين به پنهنجا تبصرا ڏنا

هڪ صحافي امبر رحيم شمسي چيو ته ايئن ئي ٿيندو آهي جڏهن والدين غريب هجن ۽ ڪيس ڊگهو هلي

ڪجهه ماڻهو ان معاملي تي حيران ٿيا…

هوءَ جيڪو ڪم ڪندي هئي ڀلي اسان کي ناپسند هجي اسان جي اختيار ۾ آهي ته اسان ڏسون يا نه، ٻڌون يا نه جيئن ته ميڊيا تي ڪيتريون شيون هونديون آهن جنهن کي اسان نظر انداز ڪندا آهيون ان تي کيس قتل ڪرڻ ظلم آهي. پهريان مونکي لڳندو هو ته صرف سنڌ ۾ اها ناانصافي يا اهو ظلم ٿيندو آهي پر سوشل ميڊيا تي ڪيسز وائرل ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻ ملي ته سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ به اهڙا واقعا عام آهن.

ملتان ۾ 2017 کان وٺي هن وقت تائين 1500 کان وڌيڪ اهڙا ڪيس سامهون آيا جن کي حل ڪيو ويو.اهڙا واقعا ثابت ڪن ٿا ته هن وقت تائين اهڙا  جاهل ماڻهو اهن جن جي سوچ پراڻي وقت جي دقيانوسي آهي.هن ڪنهن انسان کي نقصان نه پهچايو پر اسان وٽ مڃيل ۽ پاڪ مولوين جي حقيقت سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ کيس ڌمڪيون به مليون.هوءَ نه دهشتگرد هئي نه وري ڪنهن جو حق مارڻ واري.هن جيڪو ڪجهه ڪيو پنهنجي قابليت تي ڪيو .سوشل ميڊيا تي توجه جو مرڪز رهي.هن جي اندر ايتري فطري صلاحيت هئي جو هر موقعي ۾ پاڻ کي شامل ڪري ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڪندي هئي.ڪرڪيٽ هجي،بالي ووڊ هجي يا سياست هر ميدان ۾ سامهون نظر ايندي هئي.ان جي شهرت کان ماڻهو ڊڃي ويا ۽ کيس پنهنجي گهر ۾ قتل ڪيو ويو.

ڪورٽ خميس واري ڏينهن فيصلو ڪيو ته قنديل جي قاتلن کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ کين سزا ڏني ويندي.

You might also like