قمبر: مقتول وحيد چانڊيو جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

وامي آواز رپورٽ
قمبر: مقتول وحيد چانڊيو جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
وامي آواز رپورٽ قمبر: مقتول وحيد چانڊيو جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

 

 

قمبر ۾ مقتول وحيد چانڊيو جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

مسمات شبيران پنهنجي نياڻين سان گڏجي پٽ جي قتل ڪيس ۾ شامل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

هن چيو ته سندس پٽ کي علائقي جي بااثرن 11 مهينا پهريان موبائيل چوري جو الزام هڻي بيدردي سان قتل ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، جڏهن ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي  رهيا آهن

متاثرن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.