فواد چوڌري، اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت کي نوٽيس جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نااهلي بابت ڪيس ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اليڪشن ڪميشن سميت قانون واري وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارت چنڊ تي ڪيئن پهچندو…؟ فواد چوڌري ٻڌائي ڇڏيو

درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري جهلم جي زمين کي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو، تنهن ڪري هو صادق ۽ امين ناهي رهيو، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان خواجا آصف کي نااهل ڪيو پر سپريم ڪورٽ کيس بحال ڪري ڇڏيو، مثال سامهون آهي پر عدليا کي اداري طور سياسي معاملن ۾ نه پوڻ گهرجي.

You might also like