فخر زمان انجري سبب ٽريننگ ڪيمپ کان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر فخر زمان گوڏي جي انجري سبب پري سيزن ڪيمپ کان ٻاهر ٿي ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب فخر زمان کي کاٻي گوڏي جي انجري سبب هڪ هفتو آرام ڪرڻ جي تجويز ڏني وني وئي آهي جنهن سبب هو پري سيزن ڪميپ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

ھي به ڏسي سگھو ٿا: ڪپتاني بابت مون سان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو: اظهر علي

پڌرائي موجب پي سي بي جي ميڊيڪل ايڊوائيزري ڪميٽي رانديگر جي ايم آر آءِ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن جي بحالي جو پروگرام جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي سي بي جي ميڊيڪل ايڊوائيزري ڪميٽي 10 ڏينهن کان پوءِ هڪ ڀيرو وري هن سندس انجري جو جائزو وٺندي.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ جو پري سيزن ڪيمپ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري آهي جڏهن ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چونڊ لاءِ اميدوارن جا انٽرويوز به جاري آهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر جي آخر ۾ سريلنڪا خلاف 3 وڻ ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽِ ميڇز کيڏندي جنهن لاءِ سريلنڪن ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي.

سري لنڪا ٽيم ون ڊيز ڪراچي جڏهن ته ٽي ٽي ٽوئنٽي لاهو رجي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏندي.

You might also like