فاشسٽ ايجنڊا ڪنهن صورت ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏبي…..!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مسئلن واري وفاقي وزير  علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مودي جي فاشسٽ ايجنڊا ڪنهن صورت ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين، پاڪستان جي سفارتڪاري جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. امين گنڊاپور چيو ته ڀارتي رياستي دهشتگردي ڪشميرين کي انهن جي حق خوداراديت تان هٿ نٿي کڻائي سگهي.

پاڪستان ۽ ڪشمير جو ٻار ٻار حسيني رضه سان سرشار آهي، باطل قوتن جي سامهون ڪنهن صورت ۾ نه جهڪنداسين، والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو سبب ڪشميرين جو معاشي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير ۾ دوائن ۽ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:قومي سلامتي ڪميٽي جو ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو

وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ڪرفيو ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي خلاف هيومن رائٽس ڪونسل ۾ گڏيل پڌرائي حوصلا افزا آهي، ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جي لاءِ آخري حد تائين وينداسين.

علي امين گنڊاپور جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي متحرڪ سفارتڪاري جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪشمير مسئلي بابت سفارتي ڪاميابيون ان جي پائيدار حل ۾ اهم ثابت ٿينديون، متحرڪ سفارتڪاري جي ڪري ڪشمير مسئلي بابت عالمي ضمير آهستي آهستي جاڳڻ شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته گڏيل قومن جا ٺهراءَ هجن يا ٻطرفيون ڳالهيون، ڀارت هميشه هٽ ڌرمي جو مظاهرو ڪيو ڀارت جو هندو انتهاپسند فاشسٽ  ايجنڊا خطي جي سلامتي جي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، مودي جي فاشسٽ ايجنڊا ڪنهن صورت ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين.

You might also like