غوثپور: ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي

غوثپور ويجھو ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا

غوثپور جي ڪچو ڪي ٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيربخش ميراڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا عورت سڪينا، بلاول ميراڻي، ٻيڙو ميراڻي سخت زخمي ٿي پيا

پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي کڻائي اسپتال آندو جتان  ٽنھي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري انهن کي لاڙڪاڻي اسپتال ڏانھن ريفر ڪيو ويو

واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾اچي سگھي ھئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.