غزه جي سرحد تي اسرائيلي فورسز هٿان ٻه فلسطيني نينگر شهيد

 

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه پٽي جي سرحد تي اسرائيلي فورسز ٻن فلسطني نينگرن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

غزه ۾ طبي ذريعن ٻڌايو ته شهيد ٿيندڙ نينگرن جي عمر 14 ۽ 17 سال هئي، سرحد تي جهڙپن ۾ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: وڌيڪ 3 فلسطيني اسرائيلي فورسز جو نشانو بڻجي ويا

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن 6 هزار کان وڌيڪ فلسطيني سرحد تي لڳل ڪنڊي دار تار ڀرسان مختلف هنڌن تي گڏ ٿيا هئا.

هڪ فوجي ترجمان الزام هڻندي چيو ته اهي فلسطيني تخريبي ۽ بارودي مواد اڇلائي رهيا هئا.

You might also like