عوامي آواز جي خبرن تي ايڪشن، ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ گهري ورتي

 

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين نديم احمد آخوند عوامي آواز جي خبرن تي نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.

پي پي ايڇ آءِ جي صحت مرڪز علي بخش شاھه تي معصوم ٻار رمضان قمبراڻي کي ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ ۽ صحت مرڪز جي عملي پاران مسلسل ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ويھاري بعد ۾ صحت مرڪز تان واپس انڊس اسپتال موڪلڻ واري عوامي آواز جي خبر تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين نديم احمد آخوند فوري طور نوٽيس وٺندي ٻارڙي واري معاملي جي مڪمل جاچ ڪري انجيڪشن نه لڳائڻ جي رپورٽ گھري ورتي آھي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بدين: انڊس اسپتال مان ٻارڙو گم ڪري مئل ٻارڙي ڏيڻ واري عوامي آواز جي خبر تي نوٽس

اهڙي ريت تعلقي گولاڙچي جي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر آرڊر ٿيڻ باوجود اسڪول نه وڃڻ تي ڊي اي او پرائمري کان ٽن ڏينھن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

ساڳي نموني سان ڪڍڻ شھر ۾ مڇرن جي آزار سبب شھرين جي پريشاني ۽ مليريا تي صابطو نه اچڻ تي پڻ لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

بدين جي ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ عوامي آواز جي ٽن خبرن تي سختي سان نوٽيس وٺندي رپورٽون لاڳاپيل عملدارن کان طلب ڪري ورتيون آھن.

You might also like