عمرڪوٽ: ڀيل برادري جي ماڻهن پاران نوجوان جي اغوا خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: ڀيل برادري جي ماڻهن پاران نوجوان جي اغوا خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ: ڀيل برادري جي ماڻهن پاران نوجوان جي اغوا خلاف احتجاج

 

 

عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي جبري قيد مان آزاد ٿيل هارين پاران بااثر زميندار هٿان اغوا ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

مغوي جي وارثن شريمتي گيني، پهلاج ڀيل ۽ ٻين دانهيو ته هو زميندار ڀٽو پلي وٽ هارپو ڪندا هئا.

سندن چوڻ هو ته زميندار کي ساليانو حساب ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن تان مڇرجي بااثر ڀٽو پلي گهر ڀاتين کي قيد ڪري جبري پورهيو ڪرائيندو هو.

سندن چوڻ هو ته بااثر زميندار خلاف عدالت کي دانهن ڏني جنهن نوٽيس وٺي خانگي جيل مان آزاد ڪرايو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته عدالت کي دانهن ڏيڻ تي جوابدار سندن پٽ حاڪم ڀيل کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرائي ظلم ڪيو آهي

متاثرن سيشن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي زميندار خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.