عمرڪوٽ: رجنيش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي گرفتاري لاءِ شٽربند هڙتال

عوامي آواز رپورٽ
عوامي آواز رپورٽ

عمرڪوٽ: رجنيش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ اڳواڻ پونجو مل ڀيل جي گرفتاري لاء عمرڪوٽ ۾ شاگردن جي سڏ تي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري الله واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو

عمرڪوٽ ضلعي جي شھر غلام نبي شاھ ۽ ڍورونارو ۾ پڻ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي آھي شٽربند ۽ ڦيٿاروڪ ھڙتال سبب ڪاروبار مڪمل طور بند آھي جڏھن ته ضلعي مان ميرپورخاص حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏانھن ھلندڙ ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي آھي

ھي به ڏسي سگھو ٿا: وفاقي وزير پاران ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو

عمرڪوٽ ۾ شاگردن طرفان تين تلوار، سامارو موڙ، موتي چوڪ ۽ الله والا چوڪ سميت شهر جون سموريون مارڪيٽون بند ڪرايون ويون آھن مختلف هنڌن تي ڌرڻا ھڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون آھن جڏهن ته الله واري چوڪ عمرڪوٽ تي ڌرڻو لڳل آهي

You might also like