عمرڪوٽ: رجنيش مالهي جو قاتل گرفتار نه ٿيو، شاگردن پاران سڀاڻي هڙتال جو سڏ

عوامي آواز رپورٽ
عمرڪوٽ: رجنيش مالهي جو قاتل گرفتار نه ٿيو، شاگردن پاران سڀاڻي هڙتال جو سڏ
عوامي آواز رپورٽ عمرڪوٽ: رجنيش مالهي جو قاتل گرفتار نه ٿيو، شاگردن پاران سڀاڻي هڙتال جو سڏ

 

عمرڪوٽ ۾ مقتول رجنيش جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پونجو مل ڀيل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران سڀاڻي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

شاگرد اڳواڻن جئه ڪمار مالهي, گل بجير, ۽ زخمي ابرار آرائين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مقتول رجنيش مالھي جي ڪيس کي سياست جو رنگ ڏيڻ جي ڳالهھ هلي پئي اهو سراسر غلط آھي اسان ڪابه سياست نٿا ڪريون اسانکي کي انصاف کپي جنھن لاءِ هو احتجاج ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، جڏهن ته سياسي دٻاءُ هجڻ ڪري عمرڪوٽ بار جو ڪو به وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪو متاثر ڪٽنب سان سراسر ناانصافي آهي.

هنن شهرين کي اپيل ڪئي ته رجنيشن مالهي جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ شهري سڀاڻي ڪاروبار بند رکي احتجاج ڪن ته جئين بااثر پونجو ڀيل کي عبرتناڪ سزا ڏياري سگهجي

You might also like