عمرڪوٽ: تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل تي چڙهي وئي، ماءُ پٽ فوت هڪ زخمي

عوامي آواز رپورٽ
تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل تي چڙهي وئي، ماءُ پٽ فوت هڪ زخمي
عوامي آواز رپورٽ تيز رفتار ڪوچ موٽر سائيڪل تي چڙهي وئي، ماءُ پٽ فوت هڪ زخمي

عمرڪوٽ ويجھو  ڪنري کان عمر ڪوٽ ايندڙ موٽر سائيڪل تي تيز رفتار ڪوچ چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي جڏهن ته هڪ نينگري زخمي ٿي پئي

عمرڪوٽ ڏانھن ايندڙ ڪنري واسين جي موٽرسائيڪل تي وارث پمپ لڳ تيز رفتار ڪوچ چڙھي وئي حادثي ۾ پيرسن بيکي ۽ سندس نوجوان پٽ مڪيش ڪمار مالھي ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏھن ته 10 سالن جي ھيران مالھي شديد زخمي ٿي پئي

هي به ڏسي سگھو ٿا: ڀرياسٽي: ڀريا روڊ ريلوي ڦاٽڪ ويجھو اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ

اطلاع تي ايمبولينس پھچي لاش سول اسپتال پھچايا جڏھن ته زخمي ھيران کي ڪنري ڏانھن اماڻيو ويو آھي

واقعي بعد عمرڪوٽ پوليس پھتي پر بس ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو  جڏھن ته سوين شهري پڻ سول اسپتال عمرڪوٽ پھچي ويا ..

You might also like