عمران خان ڪشمير مسئلي تي ساٿ ڏيندڙ ملڪن جو ٿورائتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انساني حقن جي ڪائونسل ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏيندڙ 58 ملڪن کي ساراهيون ٿا.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 10 سيپٽمبر تي انساني حقن جي ڪائونسل ۾ پاڪستان سان گڏجي عالمي برادري ڀارت طرفان طاقت جو استعمال روڪڻ، ڪرفيو ختم ڪرڻ، بندشون هٽائڻ، ڪشميرين جي حقن جي تحفظ ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار جي حل جهڙا مطالبا ڪندڙ 58 ملڪ ساراهه جوڳا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪشمير معاملو: وزيراعظم عمران خان جي عالمي برادري کي ڇنڊ

وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته انساني حقن جي ڪائونسل ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن، عالمي قانون ۽ ٻه طرفن معاهدن جي روشني ۾ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل لاءِ يورپي يونين جي مطالبي کي به ڀليڪار چئون ٿا.

هن اعلان ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ جمعي ڏينهن مظفر آباد ۾ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندس.

You might also like