عماد وسيم جو وليمو، سياستدانن ۽ ڪرڪيٽرن جي شرڪت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عماد وسيم جي وليمي جي تقريب کي سياستدانن ۽ ڪرڪيٽرن شرڪت ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

عماد وسيم ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيا اشفاق سان شادي ڪئي هئي، سندس نڪاح جي تقريب شاهه فيصل مسجد ۾ سادگيءَ سان ٿي، جنهن کانپوءِ اڄ وليمي جي تقريب ٿي.

حسن علي کانپوءِ عماد وسيم به پرڻو ڪري ورتو

تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جي ويجهن مائٽن سان گڏوگڏ سياسي شخصيتن، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ۽ قومي ڪرڪيٽرن شرڪت ڪئي.

قومي ڪرڪيٽر جي وليمي جي تقريب ۾ نعيم الحق، اسد عمر، فيصل جاويد، بابر اعواڻ، عمر گل، احمد شهزاد ۽ ياسر شاهه به شريڪ ٿيو.

پاڪ فوج جو ترجمان ميجر جنرل آصف غفور تقريب ۾ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو.

You might also like