عدليا سميت ڪنهن کي به اختيار نه اورانگهڻ گهرجن: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عوام جي ٽيڪسن مان پگهارن کڻندڙن تي آئين جي پاسداري لازم آهي، اهي ان جو حلف کڻندا آهن، مون سميت صدر، وزيراعظم ۽ پاڪ فوج جي هر آفيسر تي آئين تي پاسداري ڪرڻ لازم آهي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 72 سال اڳ آزادي حاصل ڪئي، نه ڪا جنگ وڙهي نه ڪنهن عسڪري قوت اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، هڪ سوچ ۽ نظريي تي يقين رکندڙن ٻين کي قائل ڪيو، ناممڪن ممڪن ۾ تبديل ٿي ويو، پاڪستان جو قائم ٿيڻ هڪ معجزو ئي سمجهو، ان معجزي کي برقرار ۽ محفوظ رکڻ لاءِ هڪ طريقي ڪار فراهم ڪيو ويو، ان طريقي ڪار کي اسان آئين چوندا آهيون، جنهن جو سڄو نالو آئين اسلامي جمهوريا پاڪستان آهي، آئين ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته عوام هي آزاد ملڪ حاصل ڪيو.

هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اهو واضح ڪيو هو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ هوندو آئين جي تشريح ۾ اهو وڌيڪ چيو ويو آهي ته جمهوريت کي قائم رکڻ هڪ فرض آهي، جيڪڏهن اسان انهن ئي جمهوري اصولن تي هلندا رهياسين ته اسان جي قومي سالميت برقرار رهندي، تشريح ۾ آزاد عدليا جو به خاص ذڪر آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آئين جي شروعات ۾ ئي بنيادي حقن جو ذڪر آهي، آئين جي شق 199 ۽ شق (3) 184 سان عدليا بنيادي حقن تي عمل يقيني بڻائيندي آهي، جيڪڏهن ڪو شخص، ادارو بنيادي حقن کان وڌي ته عدليا وٽ ان کي روڪڻ جو اختيار آهي، تاريخ عڪاسي ڪندي آهي ته ادارا پنهنجي اختيارن جي دائري کان وڌيا ته ماڻهن جا بنيادي حق پامال ٿيندا آهن، پاڪستان ٺهڻ بعد اڳ ۾ جنرل ايوب پوءِ يحيٰ خان آيو، جمهوري عمل کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ اسان اڌ پاڪستان کان محروم ٿي وياسين، عدليا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته هر شخص ۽ ادارو پنهنجي اختيار ۾ رهي ڪم ڪري، جڏهن ادارا اختيار اورانگهيندا آهن ته بنيادي حق پامال ٿيندا آهن، ملڪ ڪمزور ۽ ٽٽي به سگهي ٿو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڏهن جمهوريت ڪمزور ٿيندي آهي، هڪ شخص جو آواز عوام جي آواز کي دٻائيندو آهي ته دشمن فائدو کڻندو آهي، عدليا کي به گهرجي ته اها پنهنجا اختيار نه اورانگهي، ادارا ۽ ملڪ تڏهن مضبوط ٿيندا آهن، جڏهن پنهنجي غلطين مان سکندا آهن، ڪنهن ٻئي اداري تي آڱر کڻڻ کان اڳ پنهنجي اداري جي ئي ڳالهه ڪندس.

هن چيو ته وفاق ۽ چئني صوبن موبائل فون تي ٽيڪس لڳايا، اڻڄاتل تحريري شڪايت تي سپريم ڪورٽ شق 184 (3) تحت ٽيڪس معطل ڪري ڇڏيا، موبائل ٽيڪسن خلاف منع نامي جي حڪم جو جواز نه هو، ڇو ته ٽيڪس بنيادي حقن ۾ شامل ناهي، جيترو وقت سپريم ڪورٽ موبائل فون ٽيڪس معطل ڪيا، ملڪ کي 100 اربن جو نقصان ٿيو، اهي 100 ارب هاڻ گڏ نٿا ڪري سگهجن، اعليٰ عدالتن جو ڪم آهي ته جيڪو حڪم جاري ڪيو وڃي، اهو آئين ۽ قانون موجب هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.