عالمي بينڪ طرفان داسو هائيڊرو پاور منصوبي تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ 4 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي داسو هائيڊرو پاورمنصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان حڪومت 5 ورهيه گذرڻ باوجود منصوبي لاءِ گھربل زمين حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيءَ جو شڪار نظر اچي ٿي جنهن سبب ورلڊ بينڪ طرفان 10 ڪروڙ ڊالر جي پهرين قسط به خطري ۾ پئجي وئي آهي.

ورلڊ بينڪ طرفان 2160 ميگاواٽ جي داسوهائيڊرو پاور منصوبي تي جاري ڪيل 10 هين رپورٽ ۾ ان منصوبي جي ريٽنگ کي تسلي جوڳو ڪري ڇڏيو آهي، پر مستقبل جي ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري جو دارومدار پاڪستان تي آهي ته هو ڪيترو جلدي ان منصوبي لاءِ گهربل زمين حاصل ڪري سگھي ٿو.

ان منصوبي جي ڪل ماليت 4 ارب 10 ڪروڙ ڊالر آهي جڏهن ته عالمي بينڪ طرفان 58 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا گڏيل منصوبي جي ماليت جو 15 سيڪڙو آهي، ان کان سواءِ عالمي بينڪ طرفان گانٽيز به فراهم ڪيون ويون آهن جنهن تحت پاڪستان حڪومت 46 ڪروڙ ڊالر ٻين واپاري بينڪن کان قرض وٺي سگھندي.

عالمي بينڪ طرفان ڏنل 58 ڪروڙ ڊالرن مان 11 ڪروڙ 10 لک ڊالر زمين حاصل ڪرڻ جي مد ۾ فراهم ڪيا ويا آهن پر رقم جي ورهاڱي ۾ ڌيان نه هجڻ سبب عالمي بينڪ طرفان وڌيڪ هڪ سال جو مدو ڏنو ويو هو جيڪو هلندڙ سال نومبر ۾ ختم ٿي ويندو، عالمي بينڪ طرفان ٽيون ڀيرو مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

عالمي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته زمين حاصل ڪرڻ ۾ سست اڳڀرائي سبب منصوبي جي لاڳت ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ڇو جو هن وقت تائين رڳو 740 ايڪڙ زمين ئي حاصل ڪئي وئي آهي جڏهن ته منصوبي لاءِ ڪل 1987 ايڪڙ زمين گھربل آهي جڏهن ته پاڻي جي ذخيري لاءِ ڪل 9135 ايڪڙ گھربل هوندي.

عالمي بينڪ طرفان ان منصوبي جي پڄاڻي لاءِ 2021ع جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وئي آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو وقت تي مڪمل ٿيندي نظر نه پيو اچي ۽ نه ؟ي ان ڳالهه جو ڪو امڪان آهي ته ان منصوبي ۾ دير سبب بڻجندڙ آفيسرن ۽ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي ٿي سگھندي.

واضح رهي ته هن سال جولاءِ ۾ نيشل اڪنامڪ ڪائونسل جي ايڪزيڪٽو ڪميٽي فيصلو ڪيو هو ته گھربل زمين جي ماليت ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن اهو تڪرار ختم ٿي سگھي. ان ڪميٽي جي صدارت ناني واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ وٽ آهي.

You might also like