عابد علي جي موت جي افواهن جي ترديد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار عابد علي جي ڌيءَ راحمه علي پنهنجي پيءُ جي موت جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجو پيءُ زندهه آهي سندس موت بابت ڪوڙيون افواهون پکيڙيون پيون وڃن جيستائين هو زندهه آهي هن کي زندهه رهڻ ڏنو وڃي.

پاڪستاني ٽي وي انڊسٽري جو ليجنڊ اداڪار عابد علي هن وقت سخت بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هن جي ڌيئرن ايمان علي ۽ راحمه علي سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي اپيل ڪندي چيو هو ته هنن جي والد جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي تنهنڪري هن جي صحت لاٰءِ دعا ڪيو.

پر سوشل ميڊيا تي عابد علي جي موت جون ڪوڙيون افواهون گردش ڪرڻ لڳيون جنهن تي عابد علي جي ننڍي نياڻي راحمه والد جي موت جون ڪوڙيون افواهون پکيڙيندڙن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته منهنجو پيءُ زندهه آهي هن جي موت بابت ڪوڙيون افواهون پکيڙيون پيون وڃن، هن جي موت جي خبر ۾ ڪا به صداقن نه آهي، جيستائين هو زندهه آهي هن کي زندهه رهڻ ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: عابد علي جي حالت ڳڻتي جوڳي، ايمان علي جي دعا لاءِ  اپيل

راحمه وڌيڪ چيو ته آئون اڳ به قوم کان دعائن جي اپيل ڪئي هئي،  هاڻ به قوم کان هن جي زندگي ۽ صحت لاءِ دعائن جي اپيل ڪيان ٿي، ڪجهه دير اڳ ئي اسپتال انتظاميا ابو جو چيڪ اپ ڪيو هو ٺيڪ آهي.