عابد علي جي حالت ڳڻتي جوڳي، ايمان علي جي دعا لاءِ  اپيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو مشهور اداڪار عابد علي هن وقت سخت بيمار ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جڏهن ته سندس نياڻي جڳ مشهور ماڊل ايمان علي مداحن کان سندس پيءُ جي بهتر صحت لاءِ دعا جي اپيل ڪري ڇڏي.

ايمان علي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي والدين سان ننڍپڻ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن جون ٻئي ڀيڻون مريم علي ۽ رحمه علي به موجود آهن.

 

View this post on Instagram

 

Pls pray for papa’s health

A post shared by Iman Ali (@imanalyofficial) on

تصوير شيئر ڪرڻ سان گڏ ايمان ٻڌايو ته هن جي پيءُ جي طبيعت گھڻي خراب آهي ۽ مداحن کي اپيل ڪئي ته هو سندس پيءُ لاءِ دعا گھرن.

ايمان علي جي پوسٽ تي شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ جڳ مشهو ر شخصيت اداڪارا کي حوصلو ڏنو جڏهن ته هن جي والد لاءِ دعا به گھري.

ايمان جي ڀيڻ رحمه علي به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي والد جي تصوير سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون.

هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ گذريل ٻن مهينن کان سخت بيمار آهي، هر طرح جو علاج ڪرائي چڪا آهيون، دعائون به گھريون پر ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هو والد کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگھي.

رحمه وڌيڪ لکيو ته خدا کان وڏي ڪا به طاقت نه آهي، هو چاهي ته ڇا نٿو ٿي سگھي، جيڪڏهن اوهان جون دعائون به گڏجي پون ته شايد هن جي صحت ۾ بهتر اچي وڃي.

واضح رهي ته 67 ورهين جي عابد علي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جن ۾ ”مهندي“ ”ديار دل“ ” آءِ لو يو“ شامل آهن.

You might also like