طلاق ڪيس: عدالت محسن عباس ۽ فاطمه سهيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيملي عدالت اداڪار محسن عباس حيدر ۽ هن جي زال فاطمه سهيل کي طلاق جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

لاهور  جي فيملي عدالت ۾ اداڪار محسن عباس حيدر جي زال فاطمه سهيل طرفان داخل ڪرايل طلاق درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

هي  به ڏسي سگھو ٿا: فهد مصطفيٰ سان شادي ڪنديس ۽ همايون کي بواءِ فرينڊ بڻائينديس: مهوش حيات

ٻڌڻي دوران صلاق جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 15 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن فاطمه سهيل لاهور جي فيملي عدالت ۾ طلاق جي دعويٰ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪندي پنهنجي مڙس تي هڪ ڀيرو وري تشدد ۽ بي وفائي جو الزام لڳايو هو.

ياد رهي ته اداڪار محسن عباس جي زال فاطمه سهيل ٻه مهينا اڳ جولاءِ ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ ڊگھي پوسٽ ذريعي پنهنجي مڙس تي الزام مڙهيو هو ته ڳورهاري هئڻ باوجود محسن کيس سخت جسماني ۽ ذهني تشدد جو بڻانو بڻايو، ۽ پئسن جي هير ڦير ڪئي. ان کان سواءِ انهيءَ پوسٽ ۾ فاطمه محسن ۽ مادل نازش جهانگير جي وچ ۾ ناجائز لاڳاپن جو الزام به لڳايو هو.